راڄوخاناڻي (ن ع آ) سنڌو درياهه تي ڪينالن، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن، پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف عوامي تحريڪ طرفان راڄو خاناڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. احتجاجي ريلي بخشو نظاماڻي چوڪ کان شروع ڪئي وئي ۽ واپڊا چوڪ وٽ راڄو خاناڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. ريلي ۾ عورتن، ٻارن، ٻڍن، هارين، مزدورن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مهراڻ درس، مختيار بڪاري، هرچند لال، ايس ايس ٽي اڳواڻ ڪبير ڀيل، حبيب ڪلوئي، حبيب اياز کوسو، منجي ڪولهي، هريرام ڪولهي، لکمڻ ڪولهي، ڀيمچند چمپا ۽ ٻين ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي نور احمد ڪاتيار، مهراڻ درس، مختيار بڪاري ۽ چمپا ڪولهي چيو ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ باوجود پنجاب تونسا پنجند ۽ چشما جهلم لنڪ ڪينال کولي سنڌ کي وڌيڪ تباهي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي. پنجاب ڊيم ڀرڻ به بند ناهن ڪيا. پنجاب سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ جي گڊو بيراج وٽ پاڻي کوٽ 84 سيڪڙو ٿي وئي آهي. جڏهن ته سکر بيراج وٽ 26 سيڪڙو ۽ ڪوٽڙي بيراج وٽ پاڻي کوٽ 55 سيڪڙو آهي. سنڌ حڪومت بي حسي جون سڀ حدون پار ڪري ڇڏيون آهن. پيپلزپارٽي سنڌ پاڻي کوٽ تي هڪ اکر وات مان ڪڍڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌ جي وڏي وزير جا وات سبيل آهن. هنن وڌيڪ چيو ته هڪ طرف سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو ويو آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي معدنيات تي ميريون اکيون آهن. بلوچستان جي معدنيات تي قبضي لاءِ مائنز اينڊ منرل ايڪٽ پاس ڪيو ويو آهي ائين سنڌ جي معدنيات تي پڻ قبضي جون تياريون هلندڙ آهن. هنن چيو ته ڪئنالن جي مڪمل خاتمي، پاڻي جي هٿرادو کوٽ، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ معدني وسيلن جي ڦرلٽ خلاف عوامي تحريڪ جي جدوجهد جاري رهندي.