اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو ته الله تعاليٰ انهن ماڻهن کي پسند ڪري ٿو، جيڪي سندس راهه ۾ قطارون ٻڌي وڙهندا آهن. اڄ مان پاڪستاني قوم کي واڌايون ڏيان ٿو، غيرت مند پاڪستانين کي دل جي گهراين سان سلام پيش ڪريان ٿو. اسان دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته پاڪستاني هڪ خوددار قوم آهي. جيڪڏهن ڪو اسان جي خودمختياري کي للڪاري ٿو ته اسان پنهنجي دفاع ۾ سيسه پلائي ديوار بڻجي دشمن تي غالب اچون ٿا. وزيراعظم چيو ته ڀارت کلي جارحيت جو مظاهرو ڪيو، تازو ڏينهن ۾ دشمن جيڪو ڪجهه ڪيو، اها کلي جارحيت هئي. اسان جي فوجن پيشورانا طريقي سان زبردست جواب ڏئي عسڪري تاريخ جو سونهري باب لکيو. ڀارت اسان تي بي سبب جنگ مڙهي، اسان بنا دير غير جانبدار جاچ جي آڇ ڪئي. اسان لڳاتار صبر جو مظاهرو ڪيو، جڏهن مغرور دشمن اسان جي سرحدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ته اسان فيصلو ڪيو ته دشمن کي ساڳئي زبان ۾ جواب ڏجي، جيڪا ان کي چڱيءَ طرح سمجهه ۾ اچي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي شاهينن چند ڪلاڪن ۾ ڀارتي فوج جي توپن کي اهڙي ريت خاموش ڪرائي ڇڏيو، جو تاريخ ان کي هميشه ياد رکندي. دشمن جا رافيل جهاز اسان جي شاهينن جي نشاني تي اچي ناڪام ٿيا. اسان دشمن سان اهو ڪيو، جيڪو هڪ باوقار قوم جي شان سان ٺهڪندو آهي. ڀارت جا ايئربيس ڪجهه ئي وقت ۾ کنڊرات بڻجي ويا. پاڪستان اصولن جي بنياد تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. اهو شڪر جو لمحو آهي، جنهن ۾ قوم پاڪ فوج تي محبتن جا گل نڇاور ڪيا. هن چيو ته مان پاڪ فوج جي سربراهن ۽ سمورن بهادر جوانن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل ساحر شمشاد، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، چيف آف ايئر اسٽاف ۽ نيوي چيف جو پنهنجي طرفان ۽ سڄي قوم جي طرفان شڪريو ادا ڪريان ٿو. چيف آف ايئر اسٽاف ۽ انهن جي شاهينن کي پرجوش شاباس ڏيان ٿو، جن اسان جو سر فخر سان مٿي ڪري ڇڏيو.وزيراعظم چيو ته شهيد ارتضيٰ عباس اهڙو گل هو، جيڪو کلڻ کان اڳ مرجهائي ويو. مان پنهنجي قائد نواز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري جي دانشمندانه مشوري جو به شڪريو ادا ڪريان ٿو. صحافين ۽ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن جو به شڪريو، جن ڀارت جي جعلي خبرن جو ذميوارانه رپورٽنگ سان مقابلو ڪيو.وزيراعظم عالمي اڳواڻن ڊونلڊ ٽرمپ، محمد بن سلمان، محمد بن زيد، شيخ تميم ۽ رجب طيب اردگان جو پڻ شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته مان خاص طور چين جو شڪريو ادا نه ڪريان ته اڄ جي تقرير اڌوري رهندي، چين پاڪستان جي 78 سالن جي تاريخ ۾ هر مشڪل وقت ۾ اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان هڪ ذميوار رياست طور جنگبندي جو مثبت جواب ڏنو آهي. مون کي پورو يقين آهي ته جمو ۽ ڪشمير سميت سڀ حل طلب مسئلا پرامن ڳالهين جي ذريعي حل ڪيا ويندا.