ٽرمپ جي مداخلت کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ بندي

واشگنٽن (بيورو رپورٽ/م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت فوري ۽ مڪمل جنگبندي لاءِ تيار ٿي ويا آهن. اِهو اعلان هن پنهنجي سماجي رابطن واري پليٽفارم ”ٽرٿ سوشل“ تي ڪيو، جنهن جو اسڪرين شاٽ بعد ۾ ايڪس تي به شيئر ڪيو ويو. صدر ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو ”مان ٻنهي ملڪن کي ذهانت ۽ تدبر جو مظاهرو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو.“ ٻئي پاسي، آمريڪا جي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو پڻ هڪ ٽوئٽ ذريعي تصديق ڪندي چيو آهي ته ” وينس ۽ مان سينيئر ڀارتي ۽ پاڪستاني عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، جن ۾ وزيراعظم نريندر مودي، شهباز شريف، ڀارتي پرڏيهي وزير ايس. جي. شنڪر، پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار اجيت دوول ۽ عاصم ملڪ شامل هئا.“ مارڪو روبيو وڌيڪ چيو ته ” مان هي اعلان ڪندي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان ته ڀارت ۽ پاڪستان جي حڪومتن فوري جنگ بندي تي اتفاق ڪيو آهي ۽ هڪ اڻ ڌري هنڌ تي اهم مسئلن تي ڳالهين جي شروعات ڪئي وئي آهي، ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن مودي ۽ شريف جي دانائي، سمجهه ۽ ڏاهپ کي ساراهيون ٿا.“آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ٽوئيٽ ۾ اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت فوري ۽ مڪمل جنگ بندي لاءِ تيار ٿي ويا آهن. مارڪو روبيو چيو ته پاڪ، ڀارت ڪنهن اڻ ڌرئي هنڌ تي ڳالهين لاءِ راضي ٿيا آهن.ان کان اڳ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري مارڪو روبيو رابطو ڪيو، جنهن دوران علائقائي صورتحال، خاص طور تي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.ذريعن موجب، آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ تڪرار تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ڌرين کي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل ڪئي. هن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ آمريڪا طرفان سهڪار جي آڇ به ڪئي.رابطو دوران علائقي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ سفارتي ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو ويو، جڏهن ته مارڪو روبيو زور ڏنو ته موجوده ڇڪتاڻ کي ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽيمي بروس موجب، مارڪو روبيو ڀارتي پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر سان به ڳالهيون ڪيون. روبيو چيو ته ٻنهي ڌرين کي سڌي رابطي جي بحالي لاءِ طريقا ڳولڻ گهرجن ته جيئن ڇڪتاڻ گهٽجي ۽ غلط فهميون پيدا نه ٿين. آمريڪي سيڪريٽري مستقبل جي تڪرارن کان بچڻ لاءِ تعميري ڳالهين ۾ آمريڪا جي مدد جي به آڇ ڪئي.  جنگبندي تي اتفاق ٿي ويو آهي، جنهن جي تصديق پاڪستان جي پرڏيهي وزير ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪئي آهي. اسحاق ڊار پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته”پاڪستان هميشه خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ پتوڙيو آهي ۽ پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي ڪڏهن به سمجهوتو ناهي ڪئي.“ ان کان اڳ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي به اسحاق ڊار پاڪستان ۽ ڀارت ترت سيز فائر جي تصديق ڪئي هئي. ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري وڪرم مِسري تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ مڪمل جنگبندي تي اتفاق ٿي ويو آهي، جيڪا ڀارتي وقت موجب شام پنجين وڳي کان لاڳو هوندي. نئين دهلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪلندي وڪرم مسري ٻڌايو ته پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز( ڊي جي ايم او ) اڄ منجهند ٽِين لڳي 35 منٽ تي ڀارتي هم منصب سان رابطو ڪيو، جنهن دوران ٻنهي پاسي جنگبندي تي اتفاق ڪيو ويو. ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته”هن معاهدي تحت زميني، هوائي ۽ سامونڊي حدن ۾ مڪمل طور جنگبندي هوندي. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 12 مئي تي ٻيهر ڳالهيون ٿينديون.   وزيراعظم شهباز شريف ڀارت کي جنگبندي تي راضي ڪرڻ تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو شڪريو ادا ڪيو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم لکيو ته پاڪستان صدر ٽرمپ جي قيادت ۽ خطي ۾ امن لاءِ سرگرم ڪردار تي سندس ٿورائتو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان، جنگبندي جي موقعي تي سهڪار ڪرڻ تي آمريڪا جي ڪوششن کي ساراهي ٿو ۽ جنگبندي کي علائقائي امن ۽ استحڪام جي مفاد ۾ قبول ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ۽ پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جا به خاص طور تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته انهن ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.