ٽرمپ پاران پاڪ-ڀارت جنگ بندي جي اعلان تي ڀارتي ميڊيا تپي باهه

نئين دهلي ( م ڊ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي جي اعلان تي ڀارتي ميڊيا سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي، پاڪستان خلاف سخت زبان استعمال ڪرڻ لاءِ مشهور ڀارتي اينڪر ارنب گوسوامي، ٽرمپ جي اعلان کان پوءِ پنهنجي پروگرام ۾ چيو ته آمريڪي صدر پنهنجي  حدن کان اڳتي نڪري ويو آهي، سندس چوڻ هو ته جڏهن ڀارت آمريڪي ثالثي قبول ئي نه ڪئي هئي ته پوءِ ٽرمپ ڪهڙي بنياد تي جنگبندي جو اعلان ڪري ڇڏيو، هن چيو ته آمريڪي صدر کي زميني حقيقتن جو شعور ئي نه آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ تائين ته هو چئي رهيو هو ته ان جو هن تڪرار سان ڪو واسطو ئي ناهي، هن وڌيڪ چيو ته مون کي آمريڪي صدر جي طرفان جنگبندي جي اعلان تي سخت اعتراض آهي، اسان جو چينل ٽرمپ جي بيان کي نشر نه ڪندو، پر صرف اهو بيان هلائيندو جيڪو ڀارتي حڪومت طرفان جاري ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.