ڪراچي/لنڊن (م ڊ) برطانوي اخبار ٽيليگراف موجب ڀارت ڪراچي پورٽ تي حملي جي تياري ڪندي پنهنجو جنگي بحري ٻيڙو پاڪستاني سمنڊ ڪناري کان 300 کان 400 ميل جي وٿي تي مقرر ڪري ڇڏيورپورٽ موجب هن بحري ٻيڙي تي براهموس سپر سونڪ ڪروز ميزائل لڳل آهن، جيڪي 500 ميل تائين هدف کي نشانو بڻائي سگهن ٿا. اخبار موجب هن قدم سان ٻنهي ايٽمي طاقتن وچ ۾ ڇڪتاڻ خطرناڪ سطح تي پهچي سگهي ٿي. ٻيڙي ۾ ايئر ڪرافٽ ڪيريئر، ڊسٽرائرز، فريگيٽس ۽ اينٽي سب ميرين جهاز شامل آهن. ٻئي پاسي ايئر وائيس مارشل (ر) شهزاد چوڌري چيو ته پاڪستان وٽ اهڙا هٿيار آهن جيڪي اهڙي جنگي ٻيڙي کي تباهه ڪري سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڀارتي بحري ٻيڙو موجود آهي ته ان جو حساب ڪتاب به ٿي ويندو.