اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر جي ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪ، ڀارت ڇڪتاڻ ۽ سرحدن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻن ڏينهن ۾ آمريڪي وقتي سفير ساڻس 2 ڀيرا ملاقات ڪئي. آمريڪا جو پوليٽيڪل قونصلر زيڪ هارڪن رائيڊر به ان ملاقات ۾ موجود هو. گهرو وزير وقتي آمريڪي سفير کي موجوده ڇڪتاڻ ۽ صورتحال کان آگاهه ڪيو. محسن نقوي ڀارت جي ڊرون دهشتگردي بابت به وقتي آمريڪي سفير کي بريف ڪيو ۽ چيو ته ڀارت عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي شهري آبادي کي ڊرونز ذريعي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان اثرائتي ڪارروائي ڪري ڪيترائي ڊرون ڪيرايا. خطي جي خطرناڪ صورتحال جي سموري ذميواري ڀارت تي آهي، خطو جنگ جي ڪناري تي آهي، سلامتي کي نقصان رسڻ نه ڏينداسين.