واشنگٽن(م ڊ) واشنگٽن پوسٽ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته ڀارت ۾ بيچيني وڌي وئي آهي، جڏهن ته پاڪستاني ماڻهن جو حوصلو تمام بلند آهي،اخبار موجب اڃا اها ڳالهه واضح ناهي ته پاڪ-ڀارت تڪرار ڪهڙو رُخ اختيار ڪندو، پر ڀارت اندر حالتون غير يقيني جو شڪار آهن،ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 21 ايئرپورٽس کي هفتي تائين بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڀارت جي اترين ۽ اولهه وارين ڪيترين ئي شهرن ۾ بجلي به بند رهي، رپورٽ موجب ڀارت جي اوڀر واري رياست پنجاب جي گرداسپور علائقي ۾ مڪمل بليڪ آئوٽ رهيو۽ راجستان جي سرحدي علائقن ۾ اسڪول بند ڪيا ويا، ٻئي طرف، اخبار ڪجهه ماهرن جي حوالي سان لکي ٿو ته پاڪستان ۾ ماڻهن جو مورال تمام بلند آهي، خاص ڪري پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائيءَ کي ساراهيو پيو وڃي ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي ماڻهو رستن تي نڪري جشن ملهائي رهيا آهن، واشنگٽن پوسٽ لکي ٿو ته پاڪستاني شهري سمجهن ٿا ته ڀارتي حملي جي جواب ۾ انتقامي قدم ضرور کنيا وڃن،رپورٽ ۾ اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته امريڪي اختيارين موجب پاڪستان ڀارت خلاف F-16 جهاز استعمال نه ڪيو آهي،