سوڪهڙي باوجود پنجاب ڌاڙيل واهه ۽ ڊيم ڀرڻ بند نه ڪيا، سنڌ لاءِ ڇڏيل پاڻي به چوري

ڪراچي(رپورٽ:خداڏنوشاھ)سنڌ ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ ۽ سوڪهڙي واري صورتحال باوجود واپڊا ڊيمن ۾ 26 لک 53 ھزار ايڪڙ فٽ پاڻي گڏ ڪري ورتو آهي,جڏهن ته سي جي ۽   ٽي پي فلڊ لنڪڪئنالن جي کڻت بي انتها وڌائي ويئي آهي,روزاني عوامي آواز کي مليل دستاويزي ثُبوتن توڙي مختلف ذريعن کان مليل معلومات موجب سنڌو درياھ جو وهڪرو وڌي 1 لک 29 هزار 100 سئو ڪيوسڪ ٿيئڻ باوجود تربيلا ڊائون ۾ فقط 70 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏي باقي 59 هزار هڪ سئو ڪيوسڪ پاڻي ڊيم ۾ جمع ڪيو ويو آهي,ڪابل ندي جو پاڻي سنڌو درياھ ۾ ملي وڃڻ کانپوءِ چشما اپ اسٽريم وٽ پاڻي 1 لک 27 هزار 514 ڪيوسڪ ٿي ويو جتان ٻوڏ دوران پاڻي جي مختصر کڻت رکندڙ چشما جهلم فلڊ لنڪ ڌاڙيل ڪئنال جي کڻت وڌائي 12000 هزار ڪيوسڪ ڪئي ويئي آهي ۽ 13500 ڪيوسڪ پاڻي چشما ڍنڍ ۾ روڪيو ويو آهي ۽ مٿي ٿل ڪئنال ۾ 7000 هزار ڪيوسڪ پاڻي سنڌو درياھ مان ڇڏيو ويو آهي,چشما رائيٽ بينڪ ڪئنال ۾ 3935 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو ته وري تونسا بئراج وٽان تڪراري ڌاڙيل ٽي پي فلڊ لنڪ ڪئنال جي کڻت وڌائي 7 هزار 255 ڪئي ويئي آهي,سنڌ جي گڊو بئراج وٽ 80 هزار ڪيوسڪ جي ابتڙ سنڌ کي چشما کان 80 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو آهي جيڪو اڃا تونسا بئراج تائين 66 هزار 740 ڪيوسڪ مس ٿي سگهيو آهي,ٻي طرف مظفر ڳڙھ ۽ ڊي جي خان ڪئنالن ۾ 3500 ڪيوسڪ الڳ الڳ کنيو ويو آهي  ۽ ڪڇي ڪئنال ۾ پڻ 600 ڪيوسڪ کنيو ويو آهي, جهلم درياھ جي وهڪرن ۾ پڻ واڌ ٿي آهي ۽ جهلم درياھ جو مٿانهون وهڪرو 54400 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي جنهن مان پنجاب ڪئنالن لاءِ 32 هزار ڪيوسڪ کڻي باقي 22400 ڪيوسڪ منگلا ڊيم ۾ جمع ڪري ورتو آهي , چناب درياھ جي وهڪرن ۾ پڻ واڌ ٿي آهي ۽ اهو سمورو 34000 هزار ڪيوسڪ پاڻي پنجاب جي ڪئنالن کي ڏنو ويو آهي ۽ پنجند کان سنڌ لاء هڪ ڦڙو به ناهي ڇڏيو ويو, ارسا پنجاب جي ڪئنالن کي 99 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ سنڌ جي ڪئنالن کي 32 هزار 600 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو آهي . هوڏانهن واپڊا  ارسا ۽ پنجاب هڪ طرف ڊيمن ۾ پاڻي گڏ ڪري رهيا آهن جيڪو هن وقت تائين 26 لک 53 هزار ايڪڙ فوٽ ٿي ويو آهي. پاڻي سسٽم ۾ پاڻي جي آمد 2 لک 61 هزار 600 ڪيوسڪ ٿي وئي آهي جڏهن ته  سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار آهي جيڪا بئراج گڊو بئراج تي  84 سيڪڙو، سکر براج تي  26  سيڪڙو  ڪوٽڙي بئراج تي 55 سيڪڙو تائين پهتي آهي, اها کوٽ مئي جي ٻي ڏهي ۾ اڃا به وڌي وڃڻ جو امڪان آهي, سنڌ سان پاڻي ورهاست توڙي 1991ع واري پاڻي ٺاھ جي ڀڃڪڙي تي سنڌ سرڪار مڪمل خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.