ڪارپوريٽ فارمنگ، سميت ٻين معاملن تي حڪومت سان رابطي ۾ آهيون، سوڀ ٿيندي: وڪيل اڳواڻ

ملير (ڊ ر) ملير ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پاران ملير بار ايسوسيئيشن جي نون چونڊجي آيل عهديدارن ۽ تڪراري ڇهن ڪئنالن خلاف ڀرپور جدوجهد ڪرڻ تي ملير جي وڪيلن کي آجياڻو ڏنو ويو، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي صدر حنيف سومرو ۽ پريس ڪلب جي ٻين عهديدارن توڙي ميمبرن وڪيلن جي شاندار آجيان ڪري کين اجرڪن تحفا ڏنا، ان موقعي تي خطاب ڪندي ملير بار ايسوسيئيشن جي صدر ارشاد شر چيو ته تڪراري ڇهن ڪئنالن خلاف ٻٻرلو سميت سڄي سنڌ ۾ وڪيلن پاران تاريخي جدوجهد ڪئي وئي، وڪيلن، سياسي سماجي ۽ سول سوسائٽي پاران ڪيل احتجاج حڪومت جا گوڏا کوڙيا، ڪارپوريٽ فارمنگ، پيڪا ايڪٽ سميت ٻين معاملن تي حڪومت سان رابطي ۾ آهيون تمام جلد انهن معاملن تي پڻ سوڀ ماڻينداسين، هن چيو ته ٻٻرلو سميت ملير ۾ لڳل ڌرڻن ۾ وڪيلن وڏي جدوجهد ڪئي ۽ ان جدوجهد ۾ ملير جي صحافين پڻ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، صحافين جي ڪردار کي هميشه ياد رکيو ويندو، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي صدر حنيف سومرو چيو ته ملير جا مسئلا هجن يا سنڌ جا ٻيا اهم مسئلا هجن ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي صحافين پاڻ ملهايو آهي، ملير بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته اسان ٻٻرلو ڌرڻي کان وٺي سنڌ جي ٻين علائقن ۾ لڳل ڌرڻن خاص طور تي ملير ضلعي ۾ لڳل ڌرڻن جي پوئيواري ڪئي آهي، لنڪ روڊ تي لڳل ڌرڻي ۾ پوليس پاران وڪيلن تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو جنهن ۾ ڪيترائي وڪيل زخمي پڻ ٿيا پر ملير جي وڪيلن پير پوئتي نه ڪيا ۽ لنڪ روڊ تي لڳل ڌرڻي کي پهريان کان وڌيڪ مضبوط ڪيو اهو ئي سبب هيو جو تڪراري ڇهن ڪئنالن واري فيصلي کي وفاقي حڪومت پاران رد ڪرڻو پيو سڄي سنڌ تڪراري ڪئنالن واري مسئلي تي پنهنجو ڀرپور آواز بلند ڪيو ۽ ان آواز کي بلند ڪرڻ ۾ صحافتي ادارن ۽ صحافين جو پڻ تمام وڏو ڪردار هيو. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي صحافين پاران ملير بار ايسوسيئيشن جي عهديدارن ۽ سينيئر وڪيلن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪري سندن آجيان ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.