ڪراچي (رپورٽر) ڀارتي جارحيت خلاف سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران سنڌ هاءِ ڪورٽکان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ وڪيلن شرڪت ڪئي. وڪيلن ڀارت خلاف سخت نعريبازي ڪندي پاڪ فوج سان مڪمل ايڪي جو اظهار ڪيو. احتجاج ۾ شامل وڪيلن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيا، جن تي پاڪ فوج جي حمايت ۽ ڀارتي جارحيت خلاف نعرا لکيل هئا. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر بئريسٽر سرفراز ميتلو ميڊيا سان ڳالهائيندي ڀارتي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن چيو ته ڀارت جون تازيون ڪارروايون خطي جي امن لاءِ سنجيده خطرو بڻجي ويون آهن. ميتلو وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي ايئر فورس پنج ڀارتي جهاز ۽ ڊرون ڪيرايا، جنهن تي سڄي قوم پنهنجي بهادر فوج جي حمايت ۾ بيٺل آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت نه رڳو سرحدي حدون لتاڙي رهيو آهي، پر سنڌو درياهه جي پاڻي تي به حملو ڪري چڪو آهي. هن چيو ته ڀارت جي حمايت ڪندڙ دهشتگرد قوتن کي به نه بخشيو ويندو.