ڀارتي حملا ڀارت جي بدترين دھشتگردي آھي: راشد محمود سومرو

سکر (رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي اپيل تي يوم دفاع وطن ملھايو ويو. مختلف شهرن ۾ احتجاجي ميڙاڪا ڪوٺايا ويا، جمعي جي خطبن ۾ علامه راشد محمود سومرو، ڊاڪٽر اي جي انصاري ۽ ٻين چيو ته پاڪستان ۾ ڀارتي ميزائيل حملا ڀارت جي بدترين دھشتگردي ۽ بزدلاڻو عمل آھي، ان موقعي تي عالمن، خطيبن ۽ عوام ڀرپور جذبي جو اظهار ڪندي ملڪ جي حفاظت لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو، ھنن چيو ته وطن جو دفاع قومي ذميواري ۽ اهو ايماني حق به آهي، اسان جي بهادر فوج هر محاذ تي دشمن جي اک ۾ اکيون وجهي بيٺل آهي ۽ پوري عوام جو ھر وقت سندن ساٿ آهي، يوم دفاع وطن ملهائڻ جو مقصد عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ ۽ دشمن جي هر قسم جي جارحيت خلاف قومي اتحاد کي مضبوط ڪرڻ آهي، ملڪ جي سلامتي لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.