پنجاب لنڪ ڪئنالن کي پنهنجو پاڻي ڏيڻ بدران سنڌ جو پاڻي ڏئي رهيو آهي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(رپورٽر) عوامي تحريڪ دادو ضلعي جي اڳواڻن اصغر  ۽ ، ارباب جانوري 30 ساٿين سميت ۽ ميرپورخاص جي سينئر سياسي اڳواڻ غلام مصطفيٰ لغاري جي گهر واري محموده مصطفيٰ لغاري قومي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان ملاقات ڪري قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي اياز لطيف پليجي چيو ته هي جيڪا مودي جارحيت ڪئي آهي پاڪستان تي حملي آور ٿيو آهي هي پاڪستان تي حملو نه هي انڊس سولائيزيشن تي حملو آهي، هي برصغير ۽ سائوٿ ايشيا تي حملو آهي، آئون ڏيڍ ارب ڀارت جي ماڻهن کان پڇڻ ٿو چاهيان ته پاڪستان تي حملو ڪرڻ لاءِ اوهان مودي جهڙي هڪ فاشسٽ کي اجازت ڪيئن ڏني؟ اياز لطيف پليجي چيو ته اسان ڪو فتح ڪيل علائقو ناھيون جو سدائين اوھان جا غلام بڻجي جيئون، ڏسي وٺو سنڌين ھاڻ تابعداري جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏيون آھن، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ بنجر ٿيڻ سان گڏ ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي ۽ جر زھريلو ٿي ويندو. سمنڊ ٺٽو، بدين ۽ سجاول ضلعن کي مڪمل ڳڙڪائي ويندو، ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڪئنال ٺاهڻ سان سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويندو، تونسا پنجند ۽ ٿل ڪئنال ذريعي سنڌو درياھ مان اضافي پاڻي کنيو پيو وڃي، ٽن صوبن کي ريگستان ۾ تبديل ڪرڻ ۽ هڪ صوبي کي سرسبز بڻائڻ ڪٿي جو انصاف آهي؟ پنجاب لنڪ ڪئنالن کي پنهنجو پاڻي ڏيڻ بدران سنڌ جو پاڻي ڏئي رهيو آهي، گرين پاڪستان ۽ زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، گرين پاڪستان سنڌ جي زمينن جي نيلامي جو پروانو آهي، اسان کي اھڙي ترقي نٿي گھرجي جنهن سان سنڌي ماڻهن کي پنهنجي حق حڪمراني کان پري رکي انهن کي ديوار سان لڳايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.