ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن جي پهرين سيشن ۾ هاڪاري رجحان ڏٺو ويو. مارڪيٽ شيئرز جي 100 انڊيڪس ۾ 173 پوائنٽس جي واڌ ٿي جنهن کان پوءِ 100 انڊيڪس 103,700 تي بند ٿيو. اسٽاڪ مارڪيٽ جي پهرين سيشن ۾ 240 ملين شيئرز 13.6 ارب رپين ۾ وڪرو ٿيا. اسٽاڪ مارڪيٽ ٽريڊنگ دوران 105,946 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي. ڪالهه ڪاروبار جي بند ٿيڻ تي، انڊيڪس 103,526 پوائنٽس تي هو.