سکر بئراج جا دروازا تبديل ڪرڻ جي لاڳت 17 مان وڌي 25 ارب ٿي وئي

سکر (رپورٽ: اظھر علي دايو) چيني انجنيئرن ملڪي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ امپروومينٽ پروجيڪٽ تحت سکر بئراج جي دروازن جي تبديلي وارو ڪم ڪرڻ کان لاچاري ڏيکاري ڇڏي آهي، حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارن پاران چيني انجنيئرن کي ڪئمپ تائين محدود رکڻ واري ھدايتن بعد چيني انجنيئر ڪئمپ تائين محدود ٿي ويا آهن، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي سنڌ امپروومينٽ پروجيڪٽ جي ڊائريڪٽر پريتم داس ۽ انجنيئر عبدالفتاح ميمڻ ٻڌايو ته ملڪي حالتن کي نظر ۾ رکندي چيني انجنيئرن کي ڪئمپ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي ۽ صوبائي وزير آبپاشي سنڌ ۽ سيڪريٽري آبپاشي سنڌ کي پڻ ڄاڻ ڏني وئي آهي، ڪم روڪيو ناهي، پاڪستان جا انجنيئر ۽ عملو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڪم ضرور متاثر ٿيندو، واضع رهي ته 31 مئي تائين سکر بئراج جا 16 دروازا تبديل ڪري ڏيڻ جو چيني انجنيئرن وقت گهريو هو ۽ بئراج جا 54 دروازا تبديل ڪرڻ واري ڪم لاءِ پهرين 17 ارب رپيا مختص ڪيا ويا هئا ۽ هاڻ اهو ڪم 25 ارب جي لاڳت سان مڪمل ٿيڻ جي آبپاشي کاتي پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.