ڪراچي (ارباب چانڊيو) اسلام آباد ۾ خبرون گرم آھن ته بلاول ڀٽو زرداري کي ھڪ اھم ذميواري ملڻ واري آھي. کيس موجوده صورتحال ۾ مسلم ليگ ن ۽ طاقتور ڌرين پرڏيھي وزارت جو عهدو سنڀالڻ جي حوالي سان درخواست ڪئي پئي وڃي يا کيس چيو پيو وڃي. ھن وقت تائين بلاول ڀٽو زرداري جي ويجھن ذريعن مطابق ھو ان عهدي کان انڪاري آھي ۽ ان کان به وڏو عهدو گھري رھيو آھي. بلاول ڀٽو زرداري پاران پنھنجي گذريل پرڏيھي وزارت واري ڪارڪردگي کي پڻ بھتر قرار ڏنو پيو وڃي. پ پ جي ھڪ ذريعي جو چوڻ آھي ته جڏھن حڪومت سان سھڪار جاري آھي ته وزارتون به پ پ کي رکڻ گھرجن جڏھن ته بلاول ڀٽو زرداري ھاڻي پرڏيھي وزارت بدران وزيراعظم جي ڪرسي سنڀالڻ گھري ٿو. ھن وقت طاقتور ڌرين پاران سڀني کي ھڪ پيج تي ڏسڻ جي خواھش ظاھر ڪئي پئي وڃي ته جئين دنيا کي پيغام وڃي ته دفاع واري معاملي تي ملڪ جون سڀ ڌريون هڪ راءِ تي آهن. ھن وقت سياستدانن بدران رياستي ادارن جي فيصلي جي سگهه وڌي رھي آھي ان جي ڪري ڏسڻو پوندو ته ڪير چونڊن جو انتظار ٿو ڪري يا وري رياستي ڌريون فيصلا مڃرائين ٿيون.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 10 مئي 2025ع تي شايع ٿيو