پنهنجي خوبصورت ڌرتي ۽ سنڌو درياهه لاءِ وڙهنداسون: جونيئر ذوالفقار

ميرپورماٿيلو/ ڏهرڪي / داد لغاري  (رپورٽ: پريم راٺوڙ / اجيت ڪمار/ رانجهن لغاري) جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جيميرپورماٿيلو آمد تي ڪارڪنن پاران گلن سان استقبال ڪيو ويو، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو مڱريو پمپ نيشنل هاءِ وي تي پهتو جتي ڪارڪن جلال بوزدار، سعيد منگي، نثار بوزدار، نويد ڪورائي، معشوق ڇڄڻ سميت سوين ڪارڪنن شاندار استقبال ڪري مٿس گلن جي ورکا ڪئي، جنھن بعد جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو داد لغاري لڳ ڳوٺ سرفراز لغاري پهچي ڀارتي ڊرون حملي ۾ شھيد ٿي ويل پورھيت مختيار لغاري جي وارثن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جو چوڻ هو ته مونکي جيئن ئي اطلاع مليو ته ڀارتي جارحيت جي نتيجي ۾ ڊرون لڳڻ سبب اسان جو سنڌي ڀاءُ  شھيد ٿي ويو آهي، دلي ڏک پھتو، مان اوھان وارثن سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آھيان ۽ اوھان سان گڏ آھيان، شھيد هميشا زندهه ھوندا آھن، مان شھيد مختيار لغاري سميت سنڌ پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ جيڪي به ڊرون حملن ۾ شھيد ٿيا آھن، انهن سڀني شھيدن کي سرخ سلام پيش ڪيان ٿو، ھن چيو ته اسان جا حوصلا بلند آهن اسان ڀارت جي اھڙين بزدلاڻين ڪارواين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، اسان جي جان مال پاڪستاني فوج سان گڏ آهي، ڀارتي جارحيت کي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، هن چيو ته اسان پنهنجي خوبصورت ڌرتي ۽ سنڌو درياهه لاءِ وڙهنداسون، جيڪڏهن ڀارت زبردستي جنگ مڙهي ته پاڪستاني عوام ۽ فوج انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندو ۽ انشاالله فتح اسان جي ٿيندي، ان موقعي تي عنايت علي عمراڻي، شاهه علي لاشاري، عبدالحئي ساوند، جلال بوزدار، اسلم شاھه، احمدعلي ملڪ ۽ ٻيا اڳواڻ ساڻس گڏ هئا، ان کان اڳ ڏهرڪي جي ڳوٺ باگو ڀٽو پهچڻ تي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جو ڀٽا برادري جي عورتن توڙي مردن پاران شاندار اسقبال ڪري مٿس گلن جي ورکا ڪئي، هوڏانهن پ پ جي اڳوڻي صوبائي وزير عبدالباري پتافي ۽ ٻين به شهيد مختيار لغاري جي تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.