حيدرآباد (پ ر) پشتونخوا نيشنل عوامي پارٽي جي وفد جي حيدرآباد ۾ عوامي تحريڪ جي هيڊ آفيس پليجو هائوس قاسم آباد۾ آمد، عوامي تحريڪ جي اڳواڻن سان ملاقات، اڳواڻن جي ملڪي سياسي صورتحال ۽ ملڪ ۾ شامل مظلوم قومن سان درپيش مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات دوران اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ مظلوم قومن جي اتحاد جي ضرورت آهي، پشتونخوا نيشنل عوامي پارٽي ۽ عوامي تحريڪ جي قيادت مظلوم قومن جي اتحاد لاءِ گڏجي ڪردار ادا ڪندي. عوامي تحريڪ ۽ پشتونخوا نيشنل عوامي پارٽي جي اڳواڻن چيو ته پاڪستان جي حڪمرانن 1940ع جي قرارداد جي سنگين ڀڃڪڙي ڪندي ملڪ کي مظلوم قومن جو قيد خانو بڻائي ڇڏيو آهي. تفصيل موجب پشتونخوا نيشنل عوامي پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري شبير خان ترين، ماليات سيڪريٽري نظام خان ڪاڪڙ، ڊپٽي سيڪريٽري جعفر شاھ ۽ سيد جاويد آغا حيدرآباد ۾ پليجو ھائوس قاسم آباد پھچي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، سينيئر اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، نور نبي پليجو سان ملاقات ڪئي. اڳواڻن چيو ته پاڪستان 1940ع جي ٺهراءٌ تحت وجود ۾ آيو، پر بدقسمتي سان ملڪ جي وجود جي پهرين ڏينهن کان 1940ع جي قرارداد جي سنگين ڀڃڪڙي ڪئي وئي ۽ ملڪ کي وجود ڏيندڙ قومن کي غلام بڻائي پاڻي، ناڻي، تيل، ڪوئلي، گئس سميت معدني وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي وئي، سامونڊي بندرگاهن، روزگار ۽ حق حڪمراني تي قبضو ڪيو ويو. ملاقات ۾ اڳواڻن چيو ته ملڪ جي مظلوم قومن جو گڏيل اتحاد انتهائي ضروري آهي. پشتونخوا نيشنل عوامي پارٽي جي اڳواڻن شير خان ترين ۽ نظام خان ڪاڪڙ چيو ته حڪمرانن هٿ وٺي بلوچستان جي صورتحال خراب ڪئي آهي. اليڪشن چوري ڪري اسٽيبلشمينٽ پنهنجا منظور نظر حڪمران اقتدار تي مسلط ڪيا آهن. بلوچستان اسيمبلي جو پاس ڪيل منرل ۽ مائينز وارو بل ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جهڙا منصوبا قابل قبول نه آهن. هنن چيو ته پشتونخوا نيشنل عوامي پارٽي جي چيئرمين شهيد لالا عثمان ڪاڪڙ جي فرزند خوشحال خان ڪاڪڙ سنڌو درياهه مان ڇھ نوان ڪئنال ڪڍڻ جي پهرين ڏينهن کان سخت مخالفت ڪئي ۽ اسان جي پارٽي سنڌين، بلوچن، سرائيڪين، پشتونن، گلگت ۽ ڄمون ڪشمير واسين مظلوم ماڻهن سان گڏ آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار ۽ سينئير اڳواڻ عبدالقادر رانٽو چيو ته پنجاب جا حڪمران ملڪ ۾ شامل صوبائي ايڪائن کي پنهنجا فتح ڪيل علائقا سمجهن ٿا. ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن، ايس آئي ايف سي، انويسٽمينٽ بورڊ ايڪٽ 2023ع، گرين انيشيئيٽو پاڪستان، گرين ٽوئرزم وارا منصوبا ملڪ ۾ شامل سمورين مظلوم قومن لاءِ قاتل زھر آهن، سنڌي، پشتون، سرائيڪي، بلوچ قومن جي قاتل منصوبن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا.