ٻھارا (رپورٽ: احمدعلي خاصخيلي) ڪارپوريٽ فارمنگ، انڊس ڊيلٽا جي تباهي، سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ سامونڊي پٽي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ٻهارا شهر ۾ عوامي تحريڪ طرفان احتجاجيريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي، ريلي درياهه بگھياڙ پول ڪوسٽ گارڊ کان ٿيندي مين گيٽ يونين ڪائونسل ٻھارا ۽ عَلم پاڪ کان ٿيندي مين بس اسٽاپ ٻھارا تي پهتي، جتي جلسو ڪيو ويو، جنهن سبب گھارو کان ڪيٽي بندر روڊ بند ٿي ويو، مارچ جي اڳواڻي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر رزاق چانڊيو، مٺا خان لاشاري، شاھ محمد چانگ، ادريس پليجو، بلاول لاشاري، رياض عباسي، نور محمد ڪنڀر، سنڌياڻي تحريڪ جي جمال خاتون لاشاري، ثريا لاشاري، خالق گندرو، عوامي تحريڪ تعلقي مير پور ساڪري جي صدر ٺارو خان شيخ، عبدالستار پليجو، مظھر لاشاري، سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي اڳواڻن مجاھد بلوچ، عبدالله چانڊيو، علي اڪبر لاشاري، عوامي تحريڪ تعلقي گھوڙاٻاڙي جي صدر الله بخش بلوچ، لال چند، آفتاب بلوچ ۽ ٻين ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ڪڍي سنڌو درياهه کي بنجر بڻائي ڇڏيو ويو آهي. سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ ڦڙو پاڻي جو نٿو ڇڏيو وڃي، ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سنڌو درياهه ۾ واري اڏامي رهي آهي، انڊس ڊيلٽا دنيا جو پنجون نمبر وڏو ڊيلٽا آهي، هن وقت اهو ڊيلٽا آخري پساهن ۾ آهي، حڪومتي بي حسي سبب انڊس ڊيلٽا ختم ٿي چڪو آهي، سمنڊ روز جي بنياد تي سنڌ جي سامونڊي پٽي وارن شهرن جون زمينون ڳڙڪائي رهيو آهي. پنجاب هن وقت به ڌاڙيل واھ کولي ڇڏيا آهن. هڪ پاسي سنڌ پاڻي جي ڦڙي کان سڪي رهي آهي ته ٻئي طرف پنجاب ۾ غير آباد زمينون آباد ڪيون پيون وڃن. پيپلزپارٽي سنڌ کي ڪرسي عيوض وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. ڇهن ڪئنالن واري تلوار اڃان تائين لٽڪيل آهي. سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي جي مڪمل خاتمي تائين عوامي تحريڪ جي جدوجھد جاري رهندي. سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر ۾ عوام کي منظم ڪبو. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي سنڌ جو عوام رد ڪري ٿو.