6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات هندستاني وزيراعظم نريندر مودي پاڪستان تي نه پر پنھنجو پاڻ تي حملو ڪيو آھي. حملي کان ھڪدم پوءِ هندستاني حڪومت هڪ اعلان ۾ دعويٰ ڪئي ته هن پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو آهي. 2019 ۾پڻ مودي سرڪار بالاڪوٽ ۾ هڪ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ واري هنڌ حملو ڪري، دعويٰ ڪئي ھئي ته هڪ دهشتگرد تربيتي مرڪز کي تباهه ڪيو ويو آهي.
ان حملي کان ڪجهه ڪلاڪن بعد جڏھن مان حملي واري هنڌ پهتس ته اتي ڪو به تربيتي مرڪز نه هو.جھڙي طرح جو ڪوڙ ھندوستان 2019 ۾ ڳالهايو هو، اهو 2025 ۾ ٻڌايو ويو. هن ڀيري به پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ميزائل حملن ۾ ٻارن سميت اٺ بيگناهه پاڪستاني شهيد ٿيا ۽ عورتن سميت 35 ماڻهو زخمي ٿيا. ھندوستان22 اپريل تي پهلگام ۾ سياحن تي حملي جو الزام پاڪستان تي ھنيو ۽ پاڪستان خلاف ڪو به ثبوت پيش نه ڪيو.
6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ھندوستان پاڪستان ۾ معصوم ٻارن ۽ عورتن کي شهيد ڪري پنهنجي خلاف ڪيترائي ثبوت ڇڏيا آهن. پاڪستان ان حملي جو فوري طور تي جواب ڏنو ۽ ھندستان جي ڇهن هندستاني جنگي جهازن کي ڪيرائي ڇڏيو. پاڪستان ايئر فورس جي شاھينن ڊاگ فائٽ ۾ چار هندستاني جنگي جهاز ڪيرايا، جڏهن ته ٻن جنگي جهازن کي پاڪستان جي هوائي دفاعي نظام مان فائر ڪيل HQ-9 ميزائلن سان نشانو بڻايو ويو. 7 مئي جي صبح جو جڏهن ڏينهن روشن ٿيو، هندستاني ميڊيا پنهنجي هوائي فوج جي نقصانن کي ڏيکارڻ شروع ڪيو. هاڻي نريندر مودي کي نقصان سھڻو پئجي ويو. پاڪستان نه رڳو هندستاني جنگي جهازن کي نشانو بڻايو پر لائن آف ڪنٽرول جي آسپاس تي ڪيترين ئي هندستاني چيڪ پوسٽن ۽ فارورڊ پوسٽن کي پڻ تباهه ڪري ڇڏيو.
پاڪستان جو جواب نريندر مودي لاءِ غير متوقع هو. هن جو خيال هو ته اھي ڪجهه سويلين علائقن تي ميزائل ڪيرائي پنهنجي فتح جو جشن ملهائيندو، پر 7 مئي جي ڏينھن هندستاني ميڊيا تي اھو بحث شروع ٿي ويو تھ ھڪ ئي رات ۾ ھنن جي هوائي فوج جو ايترو نقصان ڪئين ٿي ويو.پاڪستان جي هوائي فوج 2019 ۾ به هندستاني هوائي فوج تي پنهنجي برتري ثابت ڪئي هئي ۽ هاڻي 2025 ۾ به هندستاني هوائي فوج تي پنهنجي برتري ثابت ڪري ڇڏي آهي. ظاهر آهي ته هندستاني هوائي فوج جي وقار کي هڪ ڀيرو ٻيهر مِٽي ۾ ملي ويو آهي ۽ اهو رڳو هندستاني هوائي فوج جو نھ پر نريندر مودي جو به سياسي نقصان آهي. هاڻي ھو اھو نقصان برابر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. پاڪستان پھل نھ ڪئي، پاڪستان صرف جوابي ڪارروائي ڪئي آهي ۽ هاڻي ھندوستان ٻيھر پاڪستان خلاف جارحيت ڪندي تھ ان کي اڳ کان وڌيڪ سخت جواب ڏنو ملندو. ڪيترائي عالمي اڳواڻ پاڪستان ۽ هندستان کي باقاعدا جنگ کان بچڻ جو مشورو ڏئي رهيا آهن.
جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي، پر پاڪستان جنگ جي شروعات نه ڪئي آھي.آبي جارحيت جي شروعات بھ هندستان ڪئي آھي ۽ ميزائل حملن ذريعي سول آبادي کي نشانو بڻائڻ جي شروعات بھ ھندستان ڪئي آھي.اھو نٿو ٿي سگھي تھ هندستان جڏهن چاهي حملو ڪري ۽ جڏهن چاهي سيز فائر ڪري. پاڪستان کي سيز فائر کي سنڌوطاس معاهدي جي بحالي سان مشروط ڪرڻ گهرجي. سنڌو پاڻي معاهدي جي معطلي جو اعلان اصل ۾ جنگ جي شروعات هئي. عالمي برادري ۽ گڏيل قومن کي ان پھلوءَکي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي ته سنڌو پاڻي معاهدي کي معطل ڪرڻ کان پوءِ، هندستان پاڪستان جي دريائن جي پاڻي کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.
جيڪڏهن ھندوستان سنڌو پاڻي معاهدو بحال نٿو ڪري ته پوءِ پاڪستان کي شملھ معاهدي جي معطلي جو اعلان ڪرڻ گهرجي. شملھ معاهدي 1948ع جي سيز فائر لائن کي لائن آف ڪنٽرول ۾ تبديل ڪيو ھو. بين الاقوامي قانون موجب، جڏهن ٻه ملڪ ٻطرفي معاهدي ۾ ڪنٽرول لائن تي متفق ٿين ٿا، ته پوءِ ان جو دفاع ٻنهي ملڪن جي ذميواري آهي، پر جيڪڏهن هي لائن آف ڪنٽرول ختم ٿي وڃي ته پوءِ ڪشميرين کي آر پار اچڻ وڃڻ کان روڪي نه ٿو سگهجي. ڪشميرين ڪڏهن به ان لائن آف ڪنٽرول کي تسليم نه ڪيو آهي. ماضي ۾م جي ڪي ايل ايف سميت ڪيترين ئي تنظيمن، ان لائن آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي جو اعلان ڪري چڪيون آھن ۽ پاڪستان کي طاقت جي استعمال سان لائن آف ڪنٽرول جو دفاع ڪرڻو پيو.
جيڪڏهن شملا ٺاھ معطل ٿي وڃي تھ لائن آف ڪنٽرول پڻ معطل ٿي ويندو. پاڪستان وٽ شملھ ٺاھ کي معطل ڪرڻ جو ٺوس جواز موجود آهي. ھندوستان1984ع ۾ سياچن جي چوٽين تي قبضو ڪري شملھ ٺاھ جي ڀڃڪڙي ڪئي ھئي. 5 آگسٽ 2019ع تي، ھندوستان هڪ ڀيرو ٻيهر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري شملھ ٺاھ جي ڀڃڪڙي ڪئي. سنڌو پاڻي معاهدي کي ختم ڪندي، هندستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٺهيل ڊيمن ذريعي پاڪستان ڏانهن پاڻي جي وهڪري کي روڪي ڇڏيو، جنهن ڪري قبضي ڪيل علائقن ۾ ٻوڏ جو خطرو پيدا ٿيو. هندستان جي آبي جارحيت نه رڳو پاڪستان لاءِ پر والاريل ڪشمير جي ماڻهن لاءِ به خطرا پيدا ڪيا آهن. تنهن ڪري، ان آبي جارحيت کي روڪڻ لاءِ شملا ٺاھ جي معطلي جو اعلان جارحيت نه پر هڪ دفاعي جواب سڏيو ويندو. اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته آڪٽوبر 1947ع ۾هندستاني حڪومت، برطانيه سان گڏجي، سرينگر تي فوجي قبضو ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ جنگ لڳي.
ان جنگ کي روڪڻ لاءِ پاڪستان نه پر هندستان گڏيل قومن کي فرياد ڪئي ھئي. گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جنگ بندي جي قرارداد منظور ڪئي ۽ ڪشمير جي مسئلي جو حل راءِ شماري کي قرار ڏنو. هندستان ان قرارداد تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. 1965ع ۾ ڪشمير جي مسئلي تي هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگ ٿي، پوءِ 1971ع ۾ جنگ ٿي، پوءِ 1999ع ۾ ڪارگل جنگ ٿي ۽ هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر باقاعده جنگ جو خطرو موجود آهي. ان جنگ ۾، هندستان جارحيت ڪندڙ آهي ۽ پاڪستان پنهنجو دفاع ڪري رهيو آهي. پاڪستان پنهنجا پتا صحيح طريقي سان کيڏي ۽ قومي يڪجھتي کي قائم رکي ته هن ڀيري ڪشميرين لاءِ تمام گهڻو رليف وٺي سگهي ٿو ۽ 1971 جي شڪست جو بدلو به وٺي سگهي ٿو.