اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ڀارتي دعوائون رد ڪندي چيو آهي ته ڀارت جي 15 هنڌن تي حملي جي ڪهاڻي من گهڙت آهي، پاڪستان جڏهن حملو ڪندو ته اسان کي يا ڀارت کي اِهو ٻڌائڻ جي ضرورت نه پوندي، دنيا کي خبر پئجي ويندي ته پاڪستان حملو ڪيو آهي.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.
ان موقعي تي اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته ڀارت مان پاڪستان جي حدن ۾ داخل ٿيندڙ ڊرونز پاڪ فوج تباهه ڪري ڇڏيا، ڀارت ڪيئي هٿياربند ڊرونز مختلف هنڌن تي پاڪستاني فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي، پاڪستان پنهنجي شهرين جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي ۽ پاڪستان ڀارت جا جنگي جهاز تباهه ڪيا اِها ڳالهه شايد ڀارت کان هضم نه پئي ٿئي.
هن چيو ته پاڪستان ڀارتي پنجاب جي ڪنهن شهري علائقي ۾ ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، هڪ ذميوار ملڪ طور پاڪستان هر ممڪن اسٽريٽيجڪ احتياط جو مظاهرو ڪيو آهي، پاڪستان ڀارتي جارحيت جو پنهنجي طئي ڪيل وقت ۽ هنڌ تي جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.
اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته ڀارتي ڊرونز لاهور ۾ فوجي ٿاڪن کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڀارت ڪو ايڊوينچر ڪيو ته اسان جي زميني، سامونڊي ۽ هوائي فوج الرٽ آهي تنهنڪري پاڪستاني قوم کي گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، هٿياربند فوجون دفاع لاءِ پرعزم آهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر لفيفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ جنون پيدا ڪيو ويو ته پاڪستان 15 هنڌن تي حملو ڪيو آهي، ڀارت جي 15 هنڌن تي حملو ڪرڻ جي من گهڙت ڪهاڻي آهي، ڀارتي حڪومت ۽ ڀارتي آرمي ڇا 18 هين صديءَ ۾ رهي ٿي.
هن سوال اُٿاريندي چيو ته ڀارتي حڪومت ڪڏهن ٿيٽر ۽ سئنما مان نڪرندي ۽ حقيقت جي دنيا ۾ ايندي؟ ڀارت جيڪي ثبوت ڏيکاري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪا به شئي پاڪستان ڏانهن اچي تي ان تي پاڪستان جي نظر هوندي آهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر ڊرون ڪِيرائڻ جون وڊيوز پريس ڪانفرنس دوران هلايون ۽ چيو ته هي ڊرون تمام ننڍڙا آهن، سمجهيو ويندو آهي ته پِڪ نه ٿيندا پر اسان تي تباهه ڪيون ٿا، اسان کي خبر آهي ته انهن کي ڪٿي ڪيرائڻو آهي، ڪيئن ڪِيرائڻو آهي ۽ هنيئر تائين 29 ڊرونز تباهه ڪري چڪا آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته هي دشمن فوجي يا شهري جي تميز ناهي ڪندو، اطلاعن موجب هينئر تائين ڊرون حملن ۾ ٽي ڄڻا شهيد ٿيا آهن، ڀارت طرفان ڪنهن به قسم جي حملي جي مڪمل نگراني ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته ڀارتي ميڊيا تي جعلي وڊيوز ۽ تصويرون ڏيکاريون پيون وڃن، امرتسر ۾ ڀارتي ٿاڪن کي ڀارتي ميزائلن ئي نشانو بڻايو.
ڀارت ۾ پاڪستان جي حملن جي خبر ڪوڙي آهي، اسان حملو ڪنداسين ته دنيا کي خبر پئجي ويندي: ڊي جي آءِ ايس پي آر
You might also like