دبئي(م ڊ)نار تعاون ڪونسل جي سيڪريٽري جنرل جاسم البديوي ڏکڻ ايشيا ۾ وڌندڙ سلامتي جي ڳڻتي واري صورتحال تي خدشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارت پهلگام واقعي کانپوءِ مسلمانن کي قربانيءَ جو ٻڪرو نه بڻائي ۽ اسلاموفوبيا خلاف فوري قدم کنيا وڃن، هن زور ڀريو ته پاڪستان ۽ ڀارت صبر جو مظاهرو ڪن ۽ ڇڪتاڻ ختم ڪري فوري طور تي ٻيهر ڳالهين جو عمل شروع ڪن، جاسم البديوي ولاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ سياحن تي ٿيل دهشتگرد حملي جي پڻ سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، جنهن ۾ ڪيترائي بيگناهه ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا، سيڪريٽري جنرل وڌيڪ چيو ته خطي ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ ضروري آهي ته اختلافن جي حل لاءِ پرامن ذريعا اختيار ڪيا وڃن، جيئن بين الاقوامي قانون ۽ گڏيل قومن جي منشور جي اصولن جي پاسداري ٿي سگهي، نار تعاون ڪونسل طرفان دهشتگردي جي مخالفت بابت پنهنجو اصولي ۽ ثابت قدم موقف ٻيهر ورجايو ويو، ساڳئي وقت سيڪريٽري جنرل عالمي برادري تي زور ڏنو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي روشني ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي جو پرامن حل ڳولڻ لاءِ پنهنجي ڪوششن کي تيز ڪيو وڃي.