اسلام آباد(بيورو+م ڊ)صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام پنجين وڳي طلب ڪري ورتو آهي، صدرزرداري پاران اجلاس آئين جي آرٽيڪل 54 جي شق (1) تحت گهرايو ويو آهي، واضح رهي ته اڄ ٿيندڙ اجلاس موجوده قومي اسيمبلي جو 16هون اجلاس هوندو، ان کان اڳ ڇنڇر ڏينهن وفاقي وزير دفاع خواجه آصف جي صدارت هيٺ مشاورتي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته سومر تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو وڃي، جنهن ۾ ڀارت جي طرفان ممڪن جارحيت ۽ اشتعال انگيز قدمن جي سخت مذمت ڪئي ويندي ۽ قرارداد منظور ڪئي ويندي.
-
اسان مٿان جنگ مڙهي وئي ته ڀرپور جواب ڏينداسين:محسن نقوي
مسقط(م ڊ)محسن نقوي عمان جي گهرووزير کي پاڪ-ڀارت تازي ڇڪتاڻ بابت پاڪستان جي اصولي موقف کان آگاهه ڪيو، گهرو کاتي جي وفاقي وزيـر محسن نقوي چيو آهي ته الزام تراشيءَ سان ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي، پاڪستان جو موقف بلڪل واضح آهي، جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو، محسن نقوي مسقط ۾ عمان جي گهرو وزارت پهتو، جتي عمان جي گهرو وزير سيد حمود بن فيصل البوسيدي سندن آجيان ڪئي، هن پنهنجي عماني هم منصب سان ملاقات دوران خطي جي موجوده صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون، جن ۾ پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ خاص موضوع رهي، محسن نقوي چيو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي،پر جيڪڏهن ڪنهن تي جنگ مڙهي وئي ته پاڪستان پنهنجو دفاع ڄاڻي ٿو، هن وڌيڪ چيو ته خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پاڪستان پرعزم آهي، جڏهن ته عالمي تڪرارن جي حل لاءِ عمان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي،ملاقات دوران پاڪستاني شهرين کي ويزا جي حصول ۾ پيش ايندڙ مسئلن، منشيات ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام، پوليس ٽريننگ، ۽ ڪوسٽل گارڊز جي حوالي سان تعاون وڌائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي،ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ تعاون کي نئون رخ ڏيڻ لاءِ ڪوآرڊينيشن بهتر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان سان گڏ، اسلام آباد ۽ مسقط کي "سسٽر سٽيز” قرار ڏيڻ تي اصولي طور اتفاق به ڪيو ويو.
-
وزيرن جي پگهارن ۾ لکين رپيا واڌ، صدر آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو
اسلام آباد (م ڊ) صدر آصف علي زرداري چار نوان آرڊيننس جاري ڪيا، جن ۾ وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن جي پگهار ۽ ٽيڪس قانونن ۾ تبديليون شامل آهن. نئين آرڊيننس تحت وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن جي پگهار قومي اسيمبلي جي ميمبر جي برابر ڪئي وئي آهي. ٽيڪس قانون ۾ ترميم سان عدالت يا فورم جي فيصلي بعد فوري ٽيڪس ادائيگي لازمي قرار ڏني وئي، يا انڪم ٽيڪس اختيارين جي نوٽيس تي مقرر مدي ۾ ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. ان لينڊ روينيو بورڊ يا چيف ڪمشنر ڪنهن به شخص يا گروهه جي جاءِ تي عملدار مقرر ڪري سگهندو، جيڪو مال جي پيداوار، فراهمي يا نگراني ڪندو. ايڪسائيز قانون تحت اسٽيمپ يا بغير بار ڪوڊ مال ضبط ڪيو ويندو، جڏهن ته جعلي مال جي روڪٿام لاءِ وفاقي يا صوبائي ملازم کي به انڪم ٽيڪس آفيسر جا اختيار ملي سگهن ٿا. صدر زرعي واپار ۽ خوراڪ جي حفاظت لاءِ قومي زرعي واپار ۽ فوڊ سيفٽي اٿارٽي قائم ڪرڻ جو آرڊيننس به جاري ڪيو.