نئين دهلي (م ڊ) ڀارت پاران پاڪستاني اڳواڻن جا سوشل ميڊيا اڪائونٽ بند ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو. وزيراعظم شهباز شريف، ڊي جي آءِ ايس پي آر، ۽ وفاقي وزير عطاالله تارڙ کان پوءِ هاڻ بلاول ڀٽو زرداري ۽ عمران خان جا به ايڪس اڪائونٽ بلاڪ ڪيا ويا. ذريعن موجب، ڀارت پاران هي قدم اظهار جي آزادي تي وار آهي، جنهن جو مقصد پهلگام فالس فليگ واقعي کان پوءِ حقيقتن کي لڪائڻ آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق ڀارتي حڪومت تنقيدي آواز دٻائي، پنهنجي ناڪاميءَ تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. پ پ نائب صدر شيري رحمان ردعمل ڏيندي چيو ته بلاول ڀٽو پاڪستاني عوام جو آواز آهي، سندس آواز بند ڪرڻ سان سچ دٻجي نه ٿو سگهي. هن زور ڏنو ته ڀارت وٽ هاڻ ڪو به بچاءُ جو رستو ناهي، حقيقتن کي پيش ڪرڻ بدران سنسرشپ اختيار ڪئي پئي وڃي، جيڪا عالمي سطح تي ڳڻتيءَ جو سبب بڻجي رهي آهي.