ڪراچي(رپورٽر)چيئرمين بلاول ڀٽو جي ايڪس اڪائونٽ تي ڀارتي دهشتگرد حڪومت جي پابندي جي سخت مذمت ڪندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته دهشتگرد ڀارتي حڪومت بلاول ڀٽو زرداري جي ايڪس اڪائونٽ کي بلاڪ ڪري بزدلي جي هڪ نئين مثال قائم ڪئي آهي. بلاول ڀٽو جي اڪائونٽ تي پابندي صرف ڊجيٽل سينسرشپ ناهي، پر مودي حڪومت ۽ بي جي پي اندر لڪل سچائي کان خوف جي واضح نشاني آهي.هڪ بيان ۾ھن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪشميري عوام جو آواز، جمهوري قدرن جو نمائندو ۽ خطي ۾ امن جو علمبردار آهي. ھن چيو ته ڪريل حربن سان ظلم کي لڪائي نٿو سگهجي ۽ نه ئي ڪشميرين جي حق ۾ اٿندڙ آواز کي دٻائي سگھجي ٿو.