خيرپور/ڏوڪري(نمائندا)سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاھڻ خلاف ٻٻرلوءِ ۾ لڳل ڪامياب ڌرڻي جي خوشيءَ ۽ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن ۽ خدمتون سرانجام ڏيندڙن جي اعزاز ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ طرفان مقامي شادي ھال ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي صدر ۽ درياءَ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ ڌرڻي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ سياسي سماجي مذھبي اڳواڻن وڪيلن صحافين سول سوسائٽي جي ماڻھن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ان موقعي تي ايس يو پي صدر سيد زين شاھ خطاب ڪندي چيو ته صدر زرداري کي ھڪ دفعو ٻيھر صدر ان ڪري ڪيو ويو ته ان کي چيو ويو ته تون اسان جي مفادن وارن فيصلن جون منظوريون ڏيندي ۽ صحيحون ڪندي ھن چيو تھ پاڻي جو جڏهن اعلان ٿيو ته ماڻهو يڪدم نه نڪتا ڪيترين ئي سياسي پارٽين سنڌ جي عوام کي سمجھائڻ واري تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ جڏهن تحريڪ ھلي ته اسلام آباد جي اپوزيشن تنظيمن سان به ملاقاتون ٿيون ملڪ جي وڏي آبادي راءِ ڏئي ڪئنالن واري منصوبي جي مخالفت ڪئي ھن چيو تھ وڪيلن جي اعلان بعد تحريڪ پاڻ ملي ٻٻرلوء بائي باس مرڪز بڻجي ويو ۽ اٺ مھينا اڳ اسلام آباد کان واپس اچي رهيا ھياسين ته طاقتور ڌرين پاران چيو ويو ته فيصلا ٿي چڪا آهن پر سنڌي ماڻهن جي ٻڌي ثابت ڪيو ۽ اھي سڀ شيون پوئتي ٿي ويون ھن چيو تھ نئين ۽ مثالي سنڌ جو چيپٽر شروع ٿي چڪو آھي توهان کي مبارڪ باد پيش ڪرڻ سان گڏ و گڏ ٻڌائڻ آيا آهيون ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت سب ھڪ پيج تي آھن ۽ ڪارپوريٽ پروگرام جھڙن منصوبن جي ڪري سنڌ جون زمينون بنجر ۽ ڊيلٽا تباھ پيو ٿي ڇا اھو توهان کي نظر نه پيو اچي ايم اين اي، ايم پي اي، سينٽرز ۽ صدر جي پٽ کي به چئي رھيا آھيون ته اسان سان گڏ ٿي بيھو ۽ قومي غيرت جو ثبوت ڏيو ۽ ملڪ جي سياسي، معاشي، پاڻي، ڊيلٽا جي مفاد ۾ اھڙن قدم کي واپس نه ڪيو ويو ته اسان جي جدوجهد جاري رھندي، ھوڏانھن ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ڪوٽ مرزا ڪالو ۾ ايس يوپي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاه دعا زم زم فارم هائوس تي پهچي ٻٻرلوءَ ۾ حادثي جي 3 فوتين جي وارثن سان دعا گھري تعزيت ڪئي آھي.سيد زين شاه ٽن شھيدن اسلم شاهاڻي محمد عظيم شاهاڻي حبدار شاهاڻي جي والدين سان تعزيت ڪئي ۽ افسوس جو اظھار ڪيو.ان موقعي تي سيد زين شاه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻٻرلوء حادثي ۾ 4 ڄڻن جي شھيد ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس ٿيو آھي،شھيدن جي وارثن سان ڏک جو اظھار ڪريون ٿا.هن چيو ته مان شھيدن کي سرخ سلام پيش ڪيان ٿو.هن چيو ته سنڌو درياء مٿان ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين.ان موقعي تي روشن ٻُرڙو ڊاڪٽر مظھر مغل ميڊم شيبا مغل صابر جروار خالد جوڻيجو سماجي ورڪر صداقت جوڻيجو صحافي جي ايم جهتيال نور هسباڻي طاهر نور هسباڻي آصف شاهاڻي جنيد شاهاڻي محب شاهاڻي علي حسن شاهاڻي لياقت شاهاڻي ۽ ٻيا موجود هئا.