اسلام آباد (م ڊ) پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ ۽ خطي جي صورتحال تي سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي قومي سلامتي بابت اهم بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران سفارتي قدم، رياستي موقف ۽ پاڪ فوج جي تيارين بابت تفصيل پيش ڪيا ويا. بريفنگ وفاقي وزير عطا تارڙ ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چوڌري ڏني. بريفنگ ۾ چيو ويو ته موجوده حالتن ۾ سياسي اتحاد ۽ قومي ٻڌي جي ضرورت آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پاڪستان پرامن ملڪ آهي ۽ خطي ۾ امن چاهي ٿو، جيڪڏهن جارحيت مڙهي وئي ته دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. اجلاس ۾ گهرو صلاحڪار پرويز خٽڪ، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم، پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا، عبدالقادر، وفاقي وزير امير مقام، بلال ڪياني، ڪي پي جي اڳوڻي وڏي وزير محمود خان، سنڌ جا وزير ناصر شاهه، شرجيل ميمڻ، سعيد غني، ايم ڪيو ايم جو فاروق ستار، جي يو آءِ جو عبدالشڪور، ن ليگ اڳواڻ خرم دستگير، عابد شير علي، کيئل داس ڪوهستاني، عظميٰ عباسي، پلوشا خان، ايم ڪيو ايم جو فيصل سبزواري ۽ پ پ جي شازيا مري شرڪت ڪئي.ھوڏانھن پهلگام حملي کان پوءِ ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۾ ڀارتي وزيراعظم ۽ فضائيه سربراهه جي اهم ملاقات ٿي، ڄمون ۽ ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ حملي کانپوءِ پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ڀارتي فضائيه جي سربراهه، ايئر چيف مارشل امرپريت سنگهه سان ملاقات ڪئي، جيڪا لڳ ڀڳ 40 منٽن تائين جاري رهي، ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، هن ملاقات بابت سرڪاري طور ڪو به پڌرائي جاري نه ڪيو ويو آهي، پر ان ملاقات کي 22 اپريل تي پهلگام ۾ ٿيل حملي جي سلسلي ۾ انتهائي اهم قرار ڏنو پيو وڃي. هوڏانهن عطا تارڙ چيو ته ڀارتي حملي جو خطرو اڃا تائين ٽريو ناهي ڀارت هڪ مڪار دشمن آهي، ڀارت طرفان خطي جي امن لاءِ خطرو اڃا به ختم ناهي ٿيو ۽ پاڪستان جي سلامتي کي سنجيده چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي،ٻئي پاسي سيڪيورٽي ذريعن موجب ڀارت ايل اوسي تي ڪيترن ئي ھنڌن تي پاڪستاني چوڪين تي چڙڏياريندڙ فائرنگ ڪئي، نڪيال،کوٽي رٽا،شاردا،وڪيل،نيلم،حاجي پيرسيڪٽرز ۾ فائرنگ ڪئي وئي،پاڪ فوج انھن سيڪٽرن ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ جو منھن ٽوڙ جواب ڏنو آھي