مزدور جي معاشرتي حيثيت

تحرير: مومل پنهور

اسان جي معاشري ۾ مزدور جي  حيثيت:

مزدور کي اڪثر عزت جي نظر سان نه، پر "غريب” يا "محتاج” سمجهي نظرانداز ڪيو ويندو آهي۔  کيس ڪمتر سمجهيو ويندو آهي مٿيون طبقو ته کيس انسان ئي نه سمجهندو آهي پنهنجي سماج م ماڻهو جسماني ڪم کي گهٽ درجي وارو ڪم سمجهن ٿا،  ان لاءِ ئي مزدور کي  گهٽ اهميت  حاصل آهي جڏهن ته معاشرو بيٺل ئي هڪ مزدور تي آهي بنا مزدور جي ڪو به ملڪ معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي بنا مزدور ملڪ مفلوج آهي ائين سمجهو ته مزدور ئي ملڪ هلائين پيا

 اقتصادي حالتون:

 چوندا آهن ته مزدور جي پگهر سڪڻ کان اڳ ئي سندس مزدوري ڏئي ڇڏيو پر اسان وٽ سڄي پڪائي مزدور جي مزدوري ڏيڻ مهل ئي ڪبي آهي  هوئين اسان گزاري فضول شيئن تي خرچ ڪري ڇڏيندا آهيون پر مزدور کان ڏهاڙي پيا گهٽ ڪرائيدا آهيون  ڪيترائي مزدور گهٽ اجرت تي ڪم ڪن ٿا، 12 ڪلاڪ جي سخت محنت ۽  بغير ڪنٽريڪٽ يا تحفظ جي، جنهن سبب کين صحت، تعليم ۽ بنيادي سهولتون نه ملن ٿيون۔ بلڪه مفلوجي واري زندگي پيا گهاريندا آهين

 قانوني تحفظ جي کوٽ:

پاڪستان ۾ پورهيتن لاءِ قانون ته موجود آهن جهڙوڪ  Minimum Wage Law، پر عملي طور تي انهن تي عمل نه ٿو ٿئي۔ اڪثر مزدور پنهنجن حقن کان اڻ واقف هوندا آهن۔ انهن کي پنهنجي حقوق بابت ڄاڻ ئي ناهي هوندي  پاڪستان قانون پاس ڪندي مزدور جي ڏهاڙي 37 هزار مقرر ڪئي پر هتي کيس 12 هزار 15 هزار 20 هزار 25 هزار ڏهاڙي ڏني وڃي ٿي جنهن مان هو هڪ وقت ماني کائي ٿو ته ٻئي پهر بک تي سهمي ٿو

 سماجي بي حسي:

عام ماڻهو مزدور سان شفقت بدران سخت رويو رکندا آهن، خاص ڪري گهرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن يا ٻارن سان۔ کين تشد جو به نشانو بڻايو ويندو آهي چائيلڊ ليبر تي پابندي هجڻ باوجود به ڪيترائي ماڻهن آهن خاص طور مٿيون ڪلاس جتي اڪثر عورتون يا وري ننڍا ٻار ڪم ڪندي نظر ايندا آهي جتي کين مارڪٽ به ڪئي ويندي آهي زيادتي جا واقعا به اڪثر ائين ئي ٿيندا آهن  ۽ کين غلام ڪري رکيو ويندو آهي

پاڪستان ۾ مزدور کي اڃان به معاشري جي احترام، تحفظ ۽ برابري جي ضرورت آهي۔ هنن جي پورهئي کي سمجهڻ، سندن حقن لاءِ آواز اٿارڻ ۽ انهن سان عزت جو رويو اختيار ڪرڻ وقت جي اهم گهرج آهي۔مزدور  جنهن جي هٿن جي محنت تي عمارتون، ڪارخانا، روڊ، زراعت ۽ سڄو سماج بيٺل آهي، ان کي پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ اڃا به ان عزت ۽ حقن جي ضرورت آهي، جنهن جو هو حقدار آهي۔ مزدور جو نالو وٺڻ سان ذهن ۾ هڪ غريب، پگهر وهائيندڙ، ڪم ڪندڙ شخص جو تصور اچي ٿو، جنهن جي سڄي زندگي جدوجهد ۽ قربانين سان ڀريل آڀي  ماڻهو انهن سان شايد همدردي ته رکن ٿا، پر کين  عملي عزت ڏيڻ کان قاصر آهن۔ هي رويو رڳو شهري علائقن تائين محدود نه، پر ڳوٺن ۾ به عام آهي۔ مشينن وانگر انسان کان ڪم ڪرائڻ جڏهن ته دنيا ترقي ڪندي مزدور لاٻ تمام گهڻيون سهولتون ڪيون آهن پر اسان کين صرف قانوني تحفظ به ناهيون ڏئي سگهيا ڪيترن مزدورن سان لکيل معاهدو ناهي، ۽ قانونن تي عملدرآمد جو نظام ڪمزور آهي۔ ٻار مزدوري، عورتن جو استحصال، ۽ سيزنل مزدورن جي غيرمحفوظ زندگي، اڃا به حل طلب مسئلا آهن۔

قانوني تحفظ  حقيقت ۽ دعويٰ:

پاڪستان ۾ محنتي طبقن لاءِ ڪيترائي قانون موجود آهن، جيئن "Minimum Wage Act”، "Factories Act”، ۽ "Workers Welfare Ordinance”، پر اڪثر مزدور انهن قانونن کان بي خبر هوندا آهن، يا کين انهن قانونن تي عمل ڪرائڻ جو رستو نٿو ڏيکاريو وڃي۔ جنهن تي ڪم ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي

مزدورن جي تنظيم ۽ آواز:

ملڪ ۾ ڪجهه مزدور تنظيمون سرگرم آهن، جيڪي مزدورن جي حقن لاءِ آواز اٿارين ٿيون، پر اڪثر انهن جي رسائي ۽ اثر تمام محدود آهي۔ ڪيترائي مزدور ڊپ ۽ بيروزگاري جي خوف سبب به آواز اٿارڻ کان رهجي وڃن ٿا جن کي همت ۽ حوصلي جي ضرورت آهي

حل جا رستا

تعليمي ۽ قانوني شعور ڏيڻ

مزدورن لاءِ بهتر اجرت ۽ تحفظ جي پاليسين تي عمل

انهن سان عزت وارو رويو عام ڪرڻ

ٻارن جي مزدوري جي خاتمي لاءِ سخت قدم کڻڻ

ميڊيا ۽ سوشل پليٽفارم تي مزدورن جون  ڪهاڻيون اجاگر ڪرڻ  ۽ حقن بابت آگاهي ڏيڻ

سرمائيدارن کي پابند ڪرڻ ته اهي مزدور جي اجرت پاڪستاني قانون مطابق ۽ پگهر سڪڻ کان اڳ ادا ڪن ڪم م نرمي ڪن  حڪومت پاڪستان کي گهرجي ته هو مزدورن لاءِ بجيٽ مخصوص ڪن کين تعليمي فنڊز ڏنا وڃن صحت ڪارڊ ڏنو وڃي مضبوط گهر ڏنو وڃي مهانگائي کي ڏسندي سندن اجرت وڌائڻ گهرجي

مزدور پاڪستان جو حقيقي هيرو آهي، جنهن جي پگهر سان ملڪ جي معيشيت هلندڙ آهي۔ جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته اسانجو ملڪ ترقي ڪري، ته اسان کي مزدورن سان نه رڳو همدردي پر عملي انصاف به ڪرڻو پوندو۔ عزت، تحفظ ۽ برابري مزدور جو بنيادي حق آهي جيڪو اڄ نه ته سڀاڻي، ڏيڻو ئي پوندو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.