اڪثريت جي آڙ ۾ فيصلا مڙهيا پيا وڃن، سنڌ حڪومت جو رويو آمراڻو آهي: علي خورشيدي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ علي خورشيدي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جو رويو آمراڻو آهي ۽ پنهنجي مرضيءَ جي جمهوريت هلائي پئي وڃي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي خورشيدي چيو ته سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪم جي مخالفت ۽ توهين عدالت ڪري رهي آهي، اڪثريت جي بنياد تي فيصلا مڙهيا پيا وڃن، اڪثريتي بنياد تي ڪو به حڪم جاري ڪري جيڪو چاهين ٿا اهو مڃرايو وڃي ٿو.
هن چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت پنهنجي منشور جي به ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، اين ايف سي ايوارڊ ٿي وڃي ٿو، پر پي ايف سي ايوارڊ سنڌ حڪومت روڪي ڇڏي ٿي.
علي خورشيدي چيو ته سنڌ جا ماڻهو پيپلزپارٽي جي اهڙي جمهوريت کي رد ڪن ٿا، سنڌ حڪومت پنهنجي ئي منشور تي عمل نٿي ڪري ۽ پنهنجي قيادت جي ڳالهه به نٿي مڃي.
اپوزيشن ليڊر چيو ته پيپلزپارٽي اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، سنڌ حڪومت جا ادارا مضبوط ناهن ۽ ماڻهن ۾ انهن بابت بي اعتمادي موجود آهي.
هن چيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين سڀ ڪجهه انهن وٽ آهي، عددي اڪثريت جي بنياد تي جيڪو چاهين ٿا ڪرائي وٺن ٿا، جڏهن ته سنڌ حڪومت پري پول رگنگ ڪري رهي آهي.

You might also like