ڀارت وٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۽ درياهن جو رُخ موڙڻ جي صلاحيت ناهي: ششي ٿرور

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اپوزيشن جماعت ڪانگريس جي اڳواڻ ۽ سينيئر سياستدان ششي ٿرور اعتراف ڪيو آهي ته ڀارت وٽ نه پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت آهي ۽ نه ئي درياهن جو رُخ موڙڻ جي.
ششي ٿرور چيو ته سنڌ طاس معاهدو رد نه پر معطل ڪيو ويو آهي، ان فيصلي سان معاملا وڌيڪ تبديل نه ٿيندا، اسان سڀاڻي اهو نٿا چئي سگهون ته پاڪستان کي پاڻي نه ملندو.
هن چيو ته اهو پاڻي ڪاڏي ويندو؟ اسان ڀارت کي ته نٿا ٻوڙي سگهون، اها معطلي ظاهري طور علامتي آهي.
سندس چوڻ هو ته پهلگام ۾ انٽيليجنس ناڪامي ٿي آهي پر سوال اهو آهي ته اڳ ۾ ان معاملي جي جاچ ڪئي وڃي يا ان جو جواب ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.