ڪالهه واري ايڊيٽوريل ۾ اسان ڪئنالن مخالف تحريڪ جي شاندار ڪاميابي تي سنڌي قوم کي مبارڪ باد ڏني هئي جنهن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ سنڌ جي حڪمران جماعت پ پ به وفاقي حڪومت جي اتحادي هئڻ باوجود ڪئنالن جي منصوبي جي مخالفت ڪري سنڌ ۽ سنڌي عوام سان گڏ بيٺي ۽ آخر ۾ وفاقي حڪومت کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس اعلانيل 2 مئي واري تاريخ کان اڳ 28 اپريل تي هنگامي بنياد تي ڪوٺرائي فيصلو ڪرايو ته صوبن جي رضامندي بنا پاڻي جو ڪوبه منصوبو منظور نه ڪيو ويندو ۽ ايئن ارسا جي خط کي رد ڪيو ويو جنهن ۾ ان ڪئنالن جي منصوبي لاءِ پاڻي جي دستيابي جو سرٽيفيڪيٽ ڏنو هو. يعني ارسا جي جنهن سرٽيفيڪيٽ جي بنياد تي ڪئنالن جي منصوبن جي منظوري سمجهي پئي وڃي تنهن کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ نامنظور ڪيو ويو.
گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ان اجلاس کان پوءِ ڪئنالن جو منصوبو باضابطه طور رڪجي ويو آهي ۽ ايئن تاريخ ۾ ڪالاباغ ڊيم کي نامنظور ڪرائڻ کانپوءِ سنڌوءَ تي ڪئنال نامنظور واري تحريڪ ۾ به سنڌ ۽ سنڌي قوم يادگار فتح ماڻي ورتي آهي. ان ڪامياب ۽ تاريخي تحريڪ ۾ سنڌ جي سڀني قوم پرست جماعتن اڳواڻي ڪئي، ميڊيا جو ڪردار پڻ سگهارو رهيو ۽ ايئن سڄي قوم سنڌوءَ تي ڪئنال نامنظور جو نعرو بڻجي وئي. ان تحريڪ ۾ نئين قيادت به اڀري آئي جيئن ڪراچي بار جو صدر عامر نواز وڙائچ آهي جيڪو وڪيل برادري جي ٻٻرلوءِ وٽ لڳايل ڌرڻي ۾ ليڊر طور هن تحريڪ جي هيري طور اڀري آيو. ايئن ٻي به ڪافي نئين قيادت سامهون آئي.
ڪئنال مخالف تحريڪ بابت سنڌ جي دانشور نصير ميمڻ سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ لکيو آهي ته”سنڌ جي عوامي جدوجهد پاڻيءَ واري حق تي هڪ وڏي ٻرانگهه ڀري آهي ۽ هڪ وڏو ڇال ڏنو آهي. هن مزاحمت کان پوءِ ڪنهن به حڪومت لاءِ واهن واري رٿا ڪالاباغ ڊيم جهڙو ڊيڄاڙو بڻجي ويندي. صوبن جي رضامندي ءَ وارو شرط هن مڪروهه رٿا اڳيان وڏو بند ثابت ٿيندو ان بند تي هاڻي چوڪي ڏيڻ ۽ ان کي پختو ڪرڻ جي ضرورت آهي.“ سو ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪئنال مخالف تحريڪ سنڌي قوم جي تمام وڏين تحريڪن مان هڪ تحريڪ هئي جنهن جي خاص ڳالهه اها هئي ته ان ۾ سنڌي قوم جي هر طبقي پنهنجو حصو وڌو ۽ ثابت ڪيو ته سنڌ، سنڌو درياهه ۽ سنڌي ٻولي تي اهي هڪ آهن ۽ هڪ ٿي تحريڪ هلائڻ ڄاڻن ٿا. ڪئنال مخالف تحريڪ جي اها به غير معمولي ڳالهه هئي ته ان ۾ تشدد جو ڪو واقعو نه ٿيو. ايڪڙ ٻيڪڙ جيڪڏهن ڪي پرتشدد واقعا ٿيا به ته اهي پاڻ پوليس اهلڪارن ڪرايا پر مجموعي طور تي هيءَ پرامن تحريڪ جو شاندار ۽ يادگار مثال بڻي آهي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌي قوم جي هيءَ اتساهيندڙ تحريڪ ثابت ٿي آهي جنهن سنڌي قوم کي يقينن حوصلو ڏنو آهي ته هيءَ قوم اهڙيون وڏيون ۽ نتيجي جوڳيون تحريڪون ڪاميابي سان هلائي سگهي ٿي. هن ڪئنال مخالف تحريڪ مان حڪومتن کي به سکڻ جو موقعو مليو آهي ته غلط عملن ۽ غلط پاليسين سان ملڪ کي ۽ وفاق کي ڪيڏو نقصان رسي سگهي ٿو ۽ حڪومتن لاءِ اهو به سکڻ جو موقعو آهي ته جيڪڏهن اوهان عوام جي راءِ ۽ جدوجهد کي جمهوري انداز سان قبول ڪندؤ، ضد نه ڪندئو، انا نه پاليندئو ته اوهان ملڪ ۽ وفاق يا پنهنجين حڪومتن کي بچائي به سگهو ٿا جيئن هن ڪئنال مخالف تحريڪ ۾ ٿيو جو هڪ موقعي تي پ پ جيڪا وفاقي حڪومت مسلم ليگ (ن) جي اتحادي جماعت هئي تنهن اهو چتاءُ به ڏنو هو ته جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) جي حڪومت تڪراري ڪئنالن کي رد نه ڪيو يا فيصلو واپس نه ورتو ته اسان حڪومت کان ڌار ٿينداسين. ان صورت ۾ پوءِ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت به نه رهي ها پر اهو سٺو ٿيو جو وفاقي حڪومت دير آيد درست آيد جي مصداق پ پ جي اصرار تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائي پ پ جي مطالبن کي مانَ ڏئي سنڌ جي تحريڪ کي به سرخرو ڪيو ته پ پ جي مطالبي اڳيان به هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ ايئن ان پنهنجي حڪومت به بچائي ته وفاق کي بچايو ته وفاق ۽ صوبن اختلافن کي به ٽاري ڇڏيو. هاڻي سبق حاصل ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) شروع ۾ ئي سنڌ جي عوام ۽ قومپرستن جي احتجاجن کي مثبت وٺي ها ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت توڙي وفاق خلاف ايڏي تحريڪ هلي ئي نه سگهي ها ۽ نه ان تحريڪ کي ڏسندي صدر زرداري کي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صاف چوڻو پئي ها ته هو صوبن جي رضامندي بنا ڪئنالن کي منظور نه ڪندو ۽ نه ئي پ پ کي وفاقي حڪومت جي حمايت ختم ڪرڻ جو چتاءُ ڏيڻو پوي ها ۽ نه ئي سنڌ حڪومت کي کين گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس نه گهرائڻ تي وفاقي حڪومت کي ڪئنالن جي تڪرار جو ذميوار قرار ڏي ها ۽ نه ئي 2 مئي تي اعلانيل اجلاس کي هنگامي بنياد تي 28 اپريل تي طلب ڪرڻو پوي ها.
اسان پهريون به هن اڊيٽوريل ۾ لکيو هو ته مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين ۽ روين سبب هڪ ئي وقت ٽي صوبا وفاق جي خلاف بيٺا آهن جيڪا خوف ناڪ صورتحال آهي ۽ ان صورتحال جي ذميوار وفاقي حڪومت پاڻ آهي. جيڪڏهن اها آئين ۽ قانون تحت صوبن جي حقن جو خيال ڪري انهن کي گڏ کڻي هلي ۽ تڪراري مسئلن کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ بروقت صوبن جي رضامدي تحت حل ڪري جيئن ڪئنال جو تڪرار حل ٿيو آهي ته ڪو سبب نه هوندو ته ملڪ جا سڀ مسئلا ۽ بحران حل نه ٿي سگهن. تنهن ڪري ضروري آهي ته عوامي احتجاجن کي شروع ۾ ئي اهميت ڏجي ته جيئن اڳتي هلي وڏا مسئلا نه پيدا ٿين ۽ نه ئي عوامي احتجاجن ۽ تحريڪن تي طاقت جو استعمال ڪجي ان سان معاملا اڃان خراب ٿيندا آهن. اميد ته ڪئنال مخالف تحريڪ مان حڪومت به سبق حاصل ڪيو هوندو.