ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ هن سال مختلف ٽرئفڪ حادثن ۾ فوت ٿيل ماڻهن جو انگ 301 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته زخمين جو انگ 4 هزار کان وڌي ويو آهي، رپورٽ مطابق سماجي اداري هن سال ڪراچي ۾ هاڻي تائين ٿيندڙ ٽرئفڪ حادثن جا انگ اکر جاري ڪيا آهن، ريسڪيو موجب، گذريل 4 مهينن ۾ ڪراچي ۾ مختلف ٽرئفڪ حادثن ۾ 301 ماڻهو فوت ٿيا، جڏهن ته ڳري ٽرئفڪ حادثن ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ 96 تائين پهچي ويو آهي، ريسڪيو موجب حادثن ۾ فوت ٿيندڙن ۾ 234 مرد، 27 عورتون، 32 ٻار ۽ 8 ڇوڪريون شامل آهن، جڏهن ته زخمين جو انگ 4 هزار کان وڌيڪ آهي، جن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻار شامل آهن.