ٽن ڏينھن جي جنگ بندي: روس آڇ مان ڪھڙو فائدو وٺڻ چاھي ٿو ؟

جنگ بندي ڪڏهن امن قائم ڪرڻ جي هڪ سنجيده ڪوشش ھوندي آهي؟ ۽ ڪڏهن اهو صرف مشهوري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ھوندي آهي؟ اھو سوال آهي ڪيترائي ڀيرا اٿاريو ويو آهي.ان سوال جو پس منظر روسي صدر ولاديمير پيوٽن آھي. ڇو ته مختصر جنگ بندي روس جي ھڪ روايت بڻجي رهي آهي.پهرين، پيوٽن ايسٽر تي 30 ڪلاڪن جي ھڪ طرفي جنگ بندي جو اعلان ڪيو ۽ ان کي انساني ھمدردي ڪري پيش ڪيو. جيڪا 8  مئي کان 10 مئي تائين جاري رھندي.انھن ڏينھن ۾ ٻي عالمي جنگ جي پڄاڻي کي 80 سال پورا ٿي ويندا.

ڪريملن هڪ بيان ۾ چيو ويو آھي ته 72 ڪلاڪن لاءِ  فوجي آپريشن  بند رھندا. بيان ۾ انساني ھمدردي جو  ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ اھا توقع ڪئي وئي آھي تھ يوڪرين پڻ ان جي تعميل ڪندو.ان تجويز جي جواب ۾، يوڪرين سوال ڪيو آهي ته روس فوري طور تي جنگ بندي جو اعلان ڇو نٿو ڪري سگهي ۽ ساڳئي وقت جنگ بندي  جو مدو گهٽ ۾ گهٽ 30 ڏينهن ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي.يوڪرين جي پرڏيهي وزير چيو ته  "جيڪڏهن روس واقعي امن چاهي ٿو، ته ان کي فوري جنگ بند ڪرڻ گهرجي. 8 مئي تائين انتظار ڇو؟”

اهڙي صورتحال ۾، سوال  پيدا ٿئي ٿو ته، ٽي سال اڳ يوڪرين تي حملو ڪندڙ  روسي صدر جي ڇا اھا جنگ روڪڻ جي هڪ سنجيده ۽ مخلص ڪوشش آهي ؟ يا ھو صرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ڏيکارڻ لاءِ اھا هڪ مشق ڪري رهيو آهي؟روسي نقاد ضرور ان کي ھڪ مشھوري جي ڪوشش سمجهندا. ايسٽر جي موقعي تي، جنگ بندي دوران، يوڪرين بار بار روسي فوجن تي ان جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳايو آھي 30 ڪلاڪن جي جنگ بندي جو اعلان ڪري، ماسڪو، وائيٽ هائوس کي پيغام ڏنو آھي تھ روس هن جنگ ۾ امن پسند آهي جڏهن ته يوڪرين جارحيت ڪندڙ آهي. روس يوڪرين تي الزام لڳايو ته هو امن جي آڇن کي نظرانداز ڪري جنگ کي ڊگھو ڪري رهيو آهي.پر ڊونلڊ ٽرمپ جي تازن بيانن سان ظاهر ٿي رھيو آھي ته هي ڪوشش ڪامياب نه ٿي سگھي آهي. ٽرٿ سوشل نالي هڪ پليٽ فارم تي، ٽرمپ لکيو ته "شهري علائقن ۾ ميزائل فائر ڪرڻ جو ڪو سبب ناهي.”

ٽرمپ چيو "مون کي لڳي ٿو ته هو (پيوٽن) جنگ کي روڪڻ نٿو چاهي ۽ هاڻي اسان کي ڪجهه ٻيو ڪرڻو پوندو، بينڪنگ يا پابندين ذريعي، ڇاڪاڻ ته گهڻا ماڻهو مري رهيا آهن.” .اهڙي صورتحال ۾، روس هڪ ڀيرو ٻيهر جنگ بندي جو اعلان ڪيو، جيڪو هن ڀيري اڳ ۾ ڪيل جنگ بندي کان ٿورو ڊگهي مدي وارو آهي، يعني ٽي ڏينهن ۽ هن ڀيري به، انساني ھمدردي جي ڳالهه ڪئي وئي آهي.ڇا هي پڻ آمريڪا کي ڏيکارڻ جي ڪوشش آهي ته روس جا ارادا نيڪ آهن؟ ۽ اهو ته ان عمل  ۾، روس خراب نھ آهي؟جيڪڏهن ايئن آهي، ته پوءِ هي ڪوشش بھ شايد ڪامياب نه ٿي. وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرولين ليوٽ عارضي جنگ بندي جي آڇ بابت چيو ته "آمريڪي صدر  واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو خونريزي کي ختم ڪرڻ لاءِ مستقل جنگ بندي چاهي ٿو ۽ هو ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن کان وڌيڪ مايوس ٿي رهيو آهي.”اھو ھڪ اشارو  آهي ته روس پاران  آمريڪي صدر جو صبر جواب ڏئي  رهيو آهي، جيتوڻيڪ  ھو يوڪرين جي صدر کي ڪجھ مهينن دوران تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

گذريل مهيني، ٽرمپ انتظاميا روس ۽ يوڪرين تي دٻاءُ وڌو ھو ته اهي 30 ڏينهن جي جنگ بندي تي راضي ٿين. يوڪرين حامي ڀري ھئي ، پر روس متفق نه ٿيو.جڏهن ته، هاڻي اعليٰ روسي عملدار، ٽن ڏينھن جي جنگ بندي جي ڪيل آڇ،  بعد يوڪرين تي تنقيد ڪري رهيا آهن.روسي پارليامينٽ جي هيٺين ايوان جي اسپيڪر، روسي سرڪاري ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته "مون کي پڪ ناهي ته زيلنسڪي اسان جي صدر جي فيصلي جي حمايت ڪندو ۽ جنگ بندي قبول ڪندو.”اھا گھڻي حوصلي افزا ڳالھھ  نه آهي ۽ اها به جنگ بندي جي اعلان کان  فورن بعد .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.