وڪيلن جدوجھد کي نئون رخ ڏنو،تحريڪ جاري آھي

تحرير: يوسف سيف

سنڌ ڪاوڙ ۾ آھي.ان ڪاوڙ کي ڪا بھ ڌر ڪيش ڪرائي سگھي ٿي.ڪجهه مبصرن جو چوڻ آھي تھ سائنسي بنيادن تي ڪم ڪندڙ جماعت جي کوٽ ڪري ڪو فرد يا ڪا ڌر سنڌ جي ماڻھن کي پاڻ سان گڏ کڻي سگھي ٿي.ڪي تجزئي ڪندڙ ان کي وڪيلن واري جدوجھد کي مثال طور پيش ڪن ٿا.سنڌ ۾ تازو وڪيلن طرفان تڪراري ڪينالن خلاف جاري تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ سان عوام ميدان تي اچي ويو .تحريڪ  جاري آھي.جيڪا اٺن مھينن کان سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ سياسي جماعتون ھلائي رھيون آھن پر ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي وڪيلن جي ڌرڻي نئون جوش ۽ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو.جنھن جا ڪجهه نتيجا بھرحال حاصل ٿيا.

ھي معاملو نگران سرڪار جي دور ۾ سامھون آيو. ھاءِ برڊ سسٽم جي تسلسل ۾نگران سرڪار، اقتدار ۾وڏو حصو رکندڙ عسڪري ڌر غيرملڪي سيڙپ حاصل ڪرڻ جي لاءِ  ھڪ پروجيڪٽ جوڙيو.جيڪو،اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي پروجيڪٽ گرين پاڪستان انيشيئيٽو (جي پي آءِ) تحت تيار ڪيو ويو .ان جو مقصد ڪارپوريٽ فارمنگ ( وڏي پئماني تي ملڪ ۾ آبادي لائق زمين تائين پاڻي رسائي، اھا زمين پرڏيھي سيڙپ ڪارن کي مسواڙ يا مقاطعي تي ڏيڻ آھي).جنھن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي لکين ايڪڙ زمين شامل آھي.

ان مقصد لاءِ ڪينال ٺاھي چولستان جي زمين کي سيراب ڪرڻ تي سنڌ کي گھڻو اعتراض آھي.ڪينالن خلاف جدوجھد ۾ وڪيل بھ ميدان ۾ آيا.ان کان ٿورو اڳ وڪيلن سنڌ حڪومت کي گوڏن کوڙڻ تي مجبور ڪيو ھو.جتان عام ماڻھون جو وڪيلن تي اعتماد وڌيو ۽ وڪيلن بھ ھڪ مختصر جدوجھد مان ايجيٽيشن سياست سکي ورتي ھئي.

وڪلين جي ڄام شوري ۽ حيدرآباد ۾ لڳل ڌرڻن دوران پوليس جي ننڍڙي جھيڙي کي  گھڻو مٿي کنيو ويو ھو.جنھن تي سوشل ميڊيا ۾ ان جدوجھد تي کين احساس ڏياريو ويو تھ جيڪڏھن وڪيل ايڏي طاقت رکن ٿا تھ ڀلا، سنڌ جي ڪنھن وڌي ڪاز جي لاءِ ميدان ۾ ڇو نٿا لھن ؟ اھو ئي نڪتو ھو جتان مختلف سياسي نظرين سان ھمدردي رکندڙ وڪيلن اھڙي جدوجھد جو جو ارادو ڪيو.

سنڌ،ڪينالن خلاف جدوجھد ۾ ھئي، عام ماڻھون پاڪستان پيپلزپارٽي جي لڳ ڀڳ ٻن ڏھاڪن  (17،18 سالن کان ) جي بيڊ گورننس، بدامني،منشيات ۽ ڦرلٽ جي آزار کان بيزار ھو.سو وڪيلن سان شامل ٿي ويو.وڪيلن جي مرحيلوار جدوجھد ۽ ترتيب ۾ ھر مڪتب فڪر جو فرد سلھاڙجي ويو.سنڌ ۾ ٻٻرلوءِ جي ھنڌ  ڪيل اعلان موجب 17 اپريل تي ڌرڻو لڳو،پيپلزپارٽي ڪنھن بھ سطح تي عوام کي ڪينالن بابت قائل نھ ڪري سگھي.جنھن ڪري پ پ خلاف جذبات ۾ تيزي سان اضافو ٿيو. سنڌ ۾ پ پ  سوڙي ٿيڻ لڳي.

 ھاءِ برڊ سسٽم جي سنڌ دشمن ڪوڙڪين خلاف ويڙھ تحريڪ کي نئون موڙ ڏئي ڇڏيو. ورھين جي ڪاوڙ ۽ ِچڙ ڀڙڪو کائي نڪري آئي ۽ ماڻھو رياست جي ونگارين سان ميدان ۾ وڙھڻ شروع ڪري ڏنو.سنڌ پنھنجي حق لاءِ شان ۽ مان سان وڙھي . اھڙي جدوجھد سان عوام ۾ جوش ۽ اميدون بھ وڌڻ لڳيون. وڪلين کي شايد اھو اندازو ئي نھ ھو تھ اھڙي وڏي موٽ ملندي. ان ڪري ھاڻي وڪيلن مٿان اخلاقي دٻاءِ وڌي ويو.

 اھو سمجھه ۾ اچي ويو تھ ھڪ ُپرامن جدوجھد سان ئي ٺڳي جي ٺاھ کي ڊاھي ۽ ڦٽائي سگھجي ٿو.دنيا ۾ ڪا بھ اڻ ٿيڻي، ٿي سگھي ٿي، ڪجهه مھينا اڳ اھو سوچڻ ممڪن نھ ھو تھ ڪو ماڻھون رياست جي ٺيڪيدران کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪندا.پر دنيا ڏٺو تھ اھو اڄ ممڪن بڻجي ويو.سنڌ ھڪ منظم تحريڪ جو نالو ٿي پئي.سنڌ سراپا احتجاج جو نالو بڻي.ٻٻرلوءِ باءِ پاس جي ھنڌ ڏھن يارھن  ڏينھن جي ڌرڻي ۽ سنڌ جي مزاحمت ثابت ڪيو تھ ماڻھون متحد ٿي ميدان ۾ رھن تھ ڪا طاقت کين ٿيڙي نھ ٿي سگھي.

ھٿين خالي، امن امان برقرار رکي، ھزارين ماڻھن جي مھماني ڪندڙ ھي تحريڪ سنڌ جو نئون تعارف ڪرايو. اتساھ سان گڏ سنڌي ماڻھو کي ھڪ اھڙي سڳي ۾ پويو  جو، سنڌ ھڪ جسم ۽ جان بڻجي وئي آھي.جسم جي ڪنھن حصي کي لڳل ڌڪ جو ايذاءُ  سموري جسم محسوس ڪيو.

تحريڪ ۾وڪيلن جي جدوجھد اھم رھي، وڪيل قانون کان واقف ھئڻ ڪري، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ جي اجائي اٽڪل بازي کان نٿو دڄي. ان ڪري ئي وڪيلن جي موجودگيءَ ڪينالز تحريڪ کي جوش ڏنو.ٻٻرلوءِ  ڌرڻي کي عوام اھڙي موٽ ڏني جو اھو ھڪ مثال قائم ٿي ويو. جنھن جو ڪھاڻيون ليکڪ جي قلم سان اڃان لکيون وينديون.ھن تحريڪ  ۾ سموري سنڌ ھڪ ئي وقت متحريڪ ۽ فعال رھي. ڏھن يارھن  ڏينھن دوران ھزارين سامان سان ڀريل گاڏيون بيٺيل رھيون، جنھن جي ڊرائيورن توڙي سنڀاليندڙن کي سنڌ جو عام ماڻھون کارائيندو پياريندو رھيو.

مشھور ليکڪا نورالھديٰ شاھ ڌرڻي ۾ پھچي جذباتي ٿي وئي. ھن چيو ” اسان تھ رڳو اهڙي سنڌ جو خواب ئي ڏٺو ھو، ھتي گھڻو ڪجهه حيران ڪندڙ آھي. مھمان نوازي ۾ تھ اسان سدائين مشھور رھيا آھيون،پر مون لاءِ اھم ھي آھي تھ  ھزارين گاڏيون بيٺل آھن ۽ انھن ۾ پيل سمورو مال سلامت آھي اھو وڏو مثال آھي“ ڌرڻي ۾ سنڌ جي عام ماڻھون ،سول سوسائٽي، فنڪار، اديب،شاعر، صحافين، عورتن ۽ ٻارن ۽ نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ھزارن جي انگ ۾ ماڻھون ايندا رھيا. ڌرڻو ھڪ ئي وقت سمورين سياسي ڌرين، شاعرن ۽ فنڪارن جي لاءِ اھڙو پليٽ فارم بھ بڻجي ويو،جتي اچي ھر ڪو پنھنجو موقف بھ بيان ڪندو رھيو.

سنڌ اھو ڪيس دليلن ۽ ثبوتن سان کٽي چڪي آھي. اصل معاملو تھ سنڌ جي  فرمانبردار ۽ ٺڳ  واڳ ڌڻين جي اٽڪل بازي جو آھي.جن کي پنجاب ۽ وفاق سان سنڌ جو حقي ڪيس وڙھڻ گھرجي،پر  سرڪار اھوڪيس وڙھڻ بدران سنڌ ۾ ان ڪيس کي سگھارو ڪندڙ سياسي،سماجي ۽ وڪيلن جي تحريڪ کي ماٺو ڪرڻ ۽ ان کي لتاڙڻ جي ڪوشش ڪندي رھي.ڌرڻي ۾ ھر طبقي جي ماڻھن جي رضاڪارڻي شرڪت ثابت ڪيو تھ  سنڌ جي مفادن جي لاءِ ميدان ۾ بيھندڙن سان  ماڻھو گڏ رھندو.ڌرڻي ۾ لکين ماڻھن جي شرڪت ۽  سنڌ جي ڳوٺن،شھرن،واھڻ وسندي ان تحريڪ ۾ پاڻ کي شامل ڪيو. سنڌ رات ڏينھن  فعال ۽ متحرڪ رھي.

سنڌ ۾ جاري ھلچل کي منھن ڏيڻ لاءِ پ پ پ ميدان ۾ آئي.آخر ڪار پارٽي سربراھ بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم شھبازشريف سان 25 اپريل تي ملاقات ڪئي.ان کان اڳ حيدرآباد جسلي ۾ پيپلزپارٽي ڪينالز رد نھ ٿيڻ جي صورت ۾ حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي ڌمڪي بھ ڏني.ان ھوندي عوام جي ڪاوڙ ۾ ڪمي نھ آئي.خطرناڪ گرمي ۾ ماڻھون وڌيڪ جوش ۾ اچڻ لڳا.پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن ۾ 2مئي تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس طلب ڪرڻ ۽ ان ۾ گڏيل راءِ سان ڪينالن تي معاملو طئي ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. ان وچ ۾ حڪومت وڪيلن جي ڌرڻي ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي.سرڪار طاقت سان ڌرڻن ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، موٽ ۾ سموري سنڌ شديد ردعمل ڏنو. جنھن حڪومت پوئتي ھٽي وئي.

سومر واري ڏينھن صبح جو اوچتو ميڊيا ۾ اھا خبر ھلي تھ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس اڄ يعني ( 28 اپريل) تي ٿيندو.اھڙي تڪڙ بابت بھ ٻين ڳالھين جيان جيترا وات اوتريون ڳالھيون آھن،پر پاڪ ھند ڇڪتاڻ ۽ ڌرڻي سبب ملڪ ۾ امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ جي ڪاروبار ٺپ ٿيڻ ۽ نتيجي ۾ اربين رپين جي نقصان وفاقي حڪومت کي سي سي آءِ، اجلاس سڏائڻ تي مجبور ڪيو. ان گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي فيصلن تي بھ جيترا وات اوترويون ڳالھيون آھن.پر ڪي ڳالھيون چٽيون آھن.جنھن ۾ گڏيل اتفاق کانسواءِ ڪنھن نئن ڪئنال نه ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي.پھريون ڀيرو سي سي آءِ ۾ ووٽن جي بدران گڏيل راءِ کي بنياد بڻايو ويوآھي.

صوبن جي خدشن ۽ ملڪ جي خوراڪ جي گهُرجن ۽ ماحولياتي سلامتي لاءِ ڪاميٽي جوڙڻ جو فيصلو ٿيو.جيڪا ڪيمٽي گڏيل اتفاق پيدا ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڊويزن ۽ ارسا کي سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي. سي سي آءِ وفاقي حڪومت جي ان پاليسي جي منظوري ڏني ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي گڏيل اتفاق کانسواءِ ڪو به نئون ڪئنال نه ڪڍيو ويندو.پاڻي جي 1991ع واري ٺاهه ۽ 2018ع جي پاڻي پاليسي ۾ سڀني صوبن جو پاڻي جو حق سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي اتفاق سان طئي ڪيو ويو.

ٻيو اھم پاسو ھي آھي تھ، سي سي آءِ فيصلو ڪيو آهي ته ايڪنڪ جي 7 فيبروري 2024ع تي ٿيل گڏجاڻي ۾ ڪئنالن جي اڏاوت جي ڏنل عارضي منظوري ۽ 17 جنوري 2024ع تي ارسا جي پاڻي جي دستيابي بابت جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ کي واپس ورتا وڃن ٿا.

سي سي آءِ، جي فيصلن باوجود ڪينالز وارو معاملو مستقل رد نھ ٿيو آھي. ان ھوندي سنڌ جي مزاحمت ۽ تحريڪ وفاق کي پوئتي ھٽڻ تي مجبور ڪيو آھي.ھي ھڪ اھڙي تحريڪ آھي جنھن کي سياسي ڌرين کي ئي اڳيان کڻي وڃڻو پوندو.جيڪڏھن ھن ڪارروان ۾  وڪيل ڪجهه پنڌ ھليا آھن تھ ان جو تحريڪ کي فائدو ٿيو آھي ۽ ان نئون جوش ۽ جذبو ڏنو آھي.پنجاب جي آبپاشي کاتي پهرين جنوري 2024 تي انڊس رور سسٽم اٿارٽي کان چولستان فلڊ فيڊر ڪينال لاءِ پاڻي جي موجودگيءَ جو سرٽيفڪيٽ  ورتو ھو. جنھن تي سنڌ اعتراض ڪيو ته ارسا کي اهڙي ڪينال لاءِ سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو ڪو اختيار ناهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.