سي سي آءِ جو مشروط فيصلو ! 

تحرير: غلام حسين لغاري

      وفاق سي سي آءِ جي پليٽ فارم تان ڇهن چولستان سوڌو ڇهن ڪئنالن واري رٿا کي صوبن وچ ۾ اتفاق راءِ پئدا ٿيڻ تائين مشروط رکي روڪڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان سنڌ ۾ ان مسئلي تي پئدا ٿيل بي آرامي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.هن رٿا تحت چولستان ڪئنال جو ڪم لڳ ڀڳ چاليهه سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو هو.جيڪڏهن هنن ڪئنالن واري منفي رٿا کي بروقت رد ڪيو وڃي ها صوبن وچ ۾ اتفاق راءِ پئدا ڪيو وڃي ها ته شايد ئي سنڌ ۾ بي آرامي پئدا ٿئي ها ۽ ڌرڻن احتجاجن وسيلي ڪو وڏو معاشي نقصان ٿئي ها.

 درياهه سنڌ مان ڇهن ڪئنالن ڪڍڻ واري رٿا کي روڪڻ لاءِ يا بنهه ختم ڪرڻ جو سهرو سنڌ جي وڪيلن قومپرست ۽ مخالف سياسي جماعتن سميت عوام تي آهي جن سال ڏيڍ کان ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاج ڪيا ڌرڻا هنيا ۽ پنجاب کي انهيءَ حد تائين مجبور ڪيو جو هو پنهنجي منفي هوڏ تان لٿو ۽ سنڌ جي عوام آڏو گوڏا کوڙيا جيڪا سنڌ جي ماڻهن جي فتح آهي.هن کان اڳ سنڌ جي ماڻهن ڪالا باغ ڊئم رٿا ختم ڪرائڻ لاءِ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو هو جيڪا رٿا ٻيهر ساهه کڻي نه سگهي.

  سي سي آءِ اجلاس ۾ جنهن ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير شريڪ ٿيا ۽ ڪئنالن واري رٿا ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو انتي سنڌ جي ماڻهن کي ڪجهه خدشا آهن ته اها رٿا اڳتي هلي ٻيهر ڪر کڻي سگهي ٿي جو رٿا کي مشروط طور ختم ڪيو ويو آهي ۽ مناسب وقت اچڻ تي اهي ڪئنال ٻيهر ٺهي سگهن ٿا في الحال سنڌ جي ماڻهن ۾ ماٺار آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.جيڪڏهن وفاق خاص ڪري پنجاب جي نيت سچي ۽ نيڪ آهي ته اهو فيصلو ملڪ ۽ سنڌ لاءِ ساراهه جوڳو هوندو ۽ ان سان سنڌ پنجاب وچ ۾ نفرتون ختم ٿي وينديون.

   سنڌ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ تي به عوام کي خدشا آهن.دنيا ۾ نجي سطح تي اهڙي قسم جو رٿائون ۽ پروگرام ڪن ٿا جن لاءِ آبادگار پاڻ ۾ گڏجي ڪارپوريٽ فارمنگ تحت ڪم ڪندا آهن جيڪا نفع بخش بنيادن تحت فارمنگ هلائيندا آهن جڏهن ته سنڌ ۾ ان ڳالهه کان هٽي ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ جو بنياد وڌو پيووڃي جنهن تحت عام ماڻهن ۽ سرڪار جون خالي پيل غيرآباد زمينون تحويل ۾ ورتيون ويون آهن جيڪي بي زمين هارين کي ملڻيون هيون.حڪومت هن رٿا کي به واپس وٺي ڪري نجي سطح تي آبادگارن کي هٿي ڏئي جيڪي ڪارپوريٽ فارمنگ تحت سنڌ ۾ زرعي انقلاب آڻي سگهن.جيڪي به زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ قبضي ۾ ورتيون ويون آهن سي واپس ڪري بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن جيڪو ئي زرعي انقلاب لاءِ صحيح ۽ مناسب طريقو آهي.

بهرحال سي سي آءِ فيصلو سنڌ جي وڪيلن سياسي ۽ قومپرست ڌرين جي گڏيل جدوجهد جو نتيجو آهي ۽ مبارڪن جا مستحق آهن.سنڌ جي ماڻهن جي هي پهرين عوامي تحريڪ هئي جيڪا پرامن رهي پنجاب ۽ ٻين صوبن جي ڦاٿل مسافرن جي جان و مال جي حفاظت ڪري سنڌ جي مهمان نوازي جو ثبوت ڏنو ويو جنهن جو وفاق ۽ پنجاب به قدر ڪري.ڪئنالن بابت لڳل ڌرڻن ۽ احتجاجن دوران جن به ڪارڪنن تي ڪيس داخل ٿيا آهن يا گرفتار ٿيا آهن تن کي ختم ڪري کين آزاد ڪيو وڃي ۽ فيصلي بابت جيڪي به خدشا آهن اهي ختم ڪيا وڃن.سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملڻ گهرجي ته جيئن خريف ۾ بمپر فصل لهي سگهي ۽ معاشي نقصان جو ازالو ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.