سنڌو درياءِ تي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ نون ڪينالز جي تعمير وفاقي حڪومت جي فيصلي خلاف سنڌ آواز بلند ڪيو آهي.گهٽين ۾ ٿيندڙ احتجاج هاڻي هڪ عوامي بغاوت ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. هن تڪراري رٿا صوبي جي سياسي قوتن ۽ سول سوسائٽي کي يڪجا ڪري ڇڏيو آهي. هاءِ ويز جي بندش اچ وڃ ۽چرپر جي سموري ٽرانسپورٽ نظام کي ٺپ ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي صورتحال صوبائي انتظاميا جي ڪنٽرول کان ٻاهر نڪرندي محسوس ٿي رھي آھي.دٻاءُ ۾ اچي پيپلز پارٽي هن معاملي تي سخت موقف اختيار ڪيو آهي ۽ ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن ڪينال رٿا کي ختم نه ڪيو ويو ته اھا مرڪز ۾ اتحادي حڪومت کان پنهنجي حمايت واپس وٺي سگھي ٿي. سنڌ اسيمبلي متفقه طور تي رٿا کي رد ڪرڻ جو ھڪ ٺھراءَ منظور ڪيو آهي، جنهن بابت خدشو آھي تھ اھا صوبي جي ماحولياتي نظام کي تباهه ڪري ڇڏيندي.سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت سان مرڪز جي ان ڪيل فيصلي صوبي کي مرڪز جي خلاف کڙو ڪري بيھاري ڇڏيو آھي.تنھن ھوندي بھ اقتدار جي ايوانن ۾ هن صورتحال جي سنگيني جو ڪو خاص ادراڪ نظر نٿو اچي. وفاقي حڪومت ھن مسئلي جي حل ڳولڻ لاءِ مشڪل سان ئي ڪا سنجيده ڪوشش ڪئي آهي. جيڪڏهن هي مسئلو آئيني ڍانچي اندر جلد حل نه ٿيو ته اهو وفاق جي اتحاد لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو.صورتحال کي وڌيڪ پيچيده ڪندڙ پھريون سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار آهي، جيڪو گرين پاڪستان انيشيئيٽو (GPI) جو مکيه پٺڀرائي ڪندڙ آهي ۽ انهن ڪينالز کي رٿا جو حصو سمجهيو وڃي ٿو.خيال آھي تھ هي معاملو سويلين حڪومت جي اختيار کان ٻاهر آهي.ڪينال منصوبي کي اسٽيبلشمينٽ قومي سلامتي جو مسئلو بڻائي ڪري پيش ڪيو آهي.حيرت جي ڳالهه ھي آهي ته هي رٿا مبينا طور تي نگران حڪومت منظور ڪيو هو. سوال اهو به آهي ته ڇا نگران حڪومت، پنهنجي محدود اختيار سان، آئيني طور تي اهڙا پاليسي فيصلا ڪرڻ جي مجاز هئي جيڪي پوري وفاق کي متاثر ڪندا ھجن. جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي نئين حڪومت جي ذميواري به هئي ته اھا ھن معاملي کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ کڻي وڃيھا. جيڪو نه ٿيو ۽ سڄو رٿا کي ڳجهو رکيو ويو.
ڪينال رٿا تي تڪرار تڏهن شدت اختيار ڪري ويو جڏهن آرمي چيف، پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز سان گڏ، ڏکڻ پنجاب جي ايريا چولستان ۾ ،جي پي آءِ جو افتتاح ڪيو. تجويز ڪيل ڪينالز چولستان جي ريگستاني علائقي کي سيراب ڪرڻ لاءِ ٺاهيا پيا وڃن. منصوبي جا حامي چون ٿا ته اهي ڪينالز چولستان جي بنجر زمينن کي زرخيز بڻائي سگهن ٿا، جنهن سان زرعي پيداوار وڌندي، آبپاشي جا طريقا جديد ٿيندا ۽ نيون معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون.اهي ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي درست ٿي سگهن ٿيون، پر اصل مسئلو اهو آهي ته جڏهن سنڌو درياءِ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آهي، ته انهن واهن لاءِ اضافي پاڻي ڪٿان ايندو؟
صوبن وچ ۾ پاڻي جي تڪرارن کي نبيرڻ لاءِ 1991ع جي پاڻي ٺاھ تحت صوبن کي مخصوص پاڻي جو حصو ڏنل ھئو. ته جيئن بين الصوبائي پاڻي تڪرار حل ڪري سگهجن. هن ٺاھ کان پوءِ 1992ع ۾ انڊس رور سسٽم اٿارٽي (IRSA) قائم ڪئي وئي. ارسا هڪ آئيني ادارو آهي جيڪو معاهدي مطابق سنڌو درياءَ جي نظام مان پاڻي جي ورڇ کي منظم ۽ نگراني ڪري ٿو.بدقسمتي سان ڪجهه سالن ۾ ارسا جي جوڙجڪ تڪراري بڻجي وئي آهي، جنهن سان صوبن جي وچ ۾ پاڻي جي ورڇ جو تڪرار وڌيڪ تيز ٿي ويو آهي.چولستان ڪينال منصوبي تي هڪ طرفو فيصلو صورتحال کي تڏھن وڌيڪ نازڪ بڻائي ڇڏيو آهي.اھا حيرت جي ڳالهه آهي ته وفاقي حڪومت گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اهڙي حساس سياسي مسئلي تي بحث ڪرڻ جي به زحمت نه ڪئي آھي. ڪجهه وفاقي وزيرن جا بيان ته هي منصوبو پنجاب جو صوبائي معاملو آهي ۽ ان تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ بحث ڪرڻ جي ضرورت ناهي، صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي.
اهو احساس ته سنڌو درياءَ تي تجويز ڪيل نوان ڪينالز سنڌ جي حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن، بي بنياد ناهي. هي صرف ماحولياتي ۽ حقن جو مسئلو ناهي، پر سنڌ لاءِ سياسي طور تي هڪ حساس مسئلو پڻ آهي ۽ هڪ اهڙو مسئلو آهي جيڪو قومپرست جذبات کي ڀڙڪائي رهيو آهي. ان اسٽيبلشمينٽ جي تسلط واري سياسي نظام اندر غلطين کي ظاهر ڪيو آهي، جيڪي طاقت جي مرڪزيت کي وفاقي ڍانچي کي ڪمزور ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن. وفاقي حڪومت ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي اهڙن هڪ طرفي فيصلن پيپلز پارٽي تي دٻاءُ پڻ وڌايو آهي، جيڪا هڪ وفاقي پارٽي جي حيثيت سان پنهنجي ساک برقرار رکڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي.
ڪجهه وفاقي وزير دعويٰ ڪن ٿا تھ هن رٿا جي منظوري گذريل سال صدر آصف علي زرداري ڏني هئي. پيپلز پارٽي اھڙي دعويٰ کي رد ڪري ٿي. صدر هن سال پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ ڪينال رٿا کي واضح طور تي رد ڪري ڇڏيوھو.پر هي تڪرار اڃا پڻ ختم ٿيڻ جو نالو نھ پيو وٺي. پيپلز پارٽي جي حڪومت تي اھا پڻ تنقيد ڪئي پئي وڃي ته ان هي مسئلو شروع ۾ وفاقي حڪومت سان ڇو نه اٿاريو؟ جڏهن سنڌ جي قومپرست پارٽين ماڻهن کي روڊن تي آندو ته پوءِ پيپلز پارٽي پنهنجي خاموشي ٽوڙي آھي. هي ان پارٽي لاءِ هڪ نازڪ موڙ آهي جيڪا گذريل 16 سالن کان صوبي تي بنا ڪنهن وٿي جي حڪومت ڪري رهي آهي. جيڪڏهن هي مسئلو حل نه ٿيو ته پارٽي کي مرڪز ۾ پنهنجي حمايت واپس وٺڻي پئجي سگھي ٿي. سنڌ ۾ ڪاوڙ وڌڻ سان گڏوگڏ مسلم ليگ (ن) آخرڪار بحران جي حل لاءِ پيپلز پارٽي کي ڳالهين جي اپيل ڪئي آهي. تھ جئين ان بحران جو ھل ڪڍي سگھجي.ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ پهرين ملاقات تازو ٿي هئي ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن چيو آهي ته ڪينال منصوبي تي اتفاق راءِ ٿيڻ کان پوءِ ئي عمل ڪيو ويندو.پر وڌندڙ وڇوٽي کي ڏسندي، هاڻي هن منصوبي تي اتفاق راءِ تائين پهچڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. هي منصوبو شروع ئي نه ٿيڻ گھرجي ھا. هي وفاق لاءِ انتهائي آزمائشي گھڙي آھي ڇاڪاڻ ته ٻين صوبن، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ به صورتحال ڇڪتاڻ واري آهي.بلوچستان اڳ ۾ ئي بغاوت جي لپيٽ ۾ آهي، جڏهن ته خيبر پختونخواه ۾ صوبائي حڪومت ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ وفاق تي وڌيڪ دٻاءُ وجهي ڇڏيو آهي. فيصلي سازي جي وڌندڙ مرڪزيت ۽ هر شعبي تي اسٽيبلشمينٽ جو وڌندڙ اثر وفاق جي اتحاد کي سخت خطري ۾ وجهي رهيو آهي.
صوبن وچ ۾ پاڻي جي تڪرارن کي نبيرڻ لاءِ 1991ع جي پاڻي ٺاھ تحت صوبن کي مخصوص پاڻي جو حصو ڏنل ھئو. ته جيئن بين الصوبائي پاڻي تڪرار حل ڪري سگهجن. هن ٺاھ کان پوءِ 1992ع ۾ انڊس رور سسٽم اٿارٽي (IRSA) قائم ڪئي وئي. ارسا هڪ آئيني ادارو آهي جيڪو معاهدي مطابق سنڌو درياءَ جي نظام مان پاڻي جي ورڇ کي منظم ۽ نگراني ڪري ٿو.بدقسمتي سان ڪجهه سالن ۾ ارسا جي جوڙجڪ تڪراري بڻجي وئي آهي، جنهن سان صوبن جي وچ ۾ پاڻي جي ورڇ جو تڪرار وڌيڪ تيز ٿي ويو آهي.چولستان ڪينال منصوبي تي هڪ طرفو فيصلو صورتحال کي تڏھن وڌيڪ نازڪ بڻائي ڇڏيو آهي.