ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر ممبئي ۾ برياني کانپوءِ هنداڻو کائڻ سبب زال مڙس ۽ سندن ٻه ٻار فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ممبئي ۾ هڪ ئي گهر جا چار ڀاتي فوڊ پوائزننگ سبب فوت ٿي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته 40 ورهين جي عبدالله عبدالقادر، 35 ورهين جي سندس گهرواري نسرين، 16 ورهين جي ڌيءُ عائشا ۽ 13 ورهين جي زينب ڇنڇر جي رات ٻين مائٽن سان گڏ برياني کاڌي، پوءِ رات هڪ وڳي هنن هنداڻو کاڌو ۽ ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ سندن طبعيت بگڙي وئي.
صبح 5 وڳي انهن کي سخت الٽيون شروع ٿيون، شروعاتي طور مقامي ڊاڪٽر طبي امداد فراهم ڪئي پر طبعيت وڌيڪ بگڙڻ تي کين ٻي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي چارئي علاج دوران فوت ٿي ويا.
اسپتال ۾ علاج ڪندڙ ڊاڪٽر زيد قريشي ٻڌايو ته انهن کي الٽي ۽ ڊائريا جي شڪايت هئي، پوسٽ مارٽم کانپوءِ ئي اصل ڪارڻ سامهون ايندو.
You might also like