لاهور (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪار وسيم عباس چيو آهي ته اڄ تائين نواز شريف جيان ڪنهن به فنڪارن جي مدد ناهي ڪئي.
اداڪار ويجهڙ ۾ وسيم عباس هڪ انٽرويو ڏنو، جنهن ۾ هن مختلف موضوعن تي گفتگو ڪئي.
وسيم عباس نواز شريف جي واکاڻ ڪندي چيو ته ميان صاحب آرٽسٽ ڪميونٽي لاءِ هميشه ايترو سهڪار ڪيو آهي، جو ڪنهن به ٻئي حڪمران ناهي ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته جڏهن هو ملڪ کان ٻاهر (جلاوطن) هو، تڏهن به آرٽسٽن جو حال پڇندو هو، ڪنهن کي ٻڌائڻ کانسواءِ بيمار آرٽسٽن جي گهر پئسا موڪليندو هو ته ڪنهن کي علاج لاءِ پنهنجي اسپتال جي آڇ ڪندو هو.
وسيم عباس جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن ۾ اها چڱائي آهي ۽ ڪو نيڪي جا ڪم ڪري رهيو آهي ته ماڻهو ان تي ڪاوڙ ڇو ڪري رهيا آهن.