ماضي ۾ اھڙو دور به گذريو جنھن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي مظلومن جي ترجمان طور سڃاتي ويندي هئي، پر اڄ اها ڪرپشن، دوکي، ۽ سياسي منافقت جي علامت بڻجي چڪي آهي. ماڻهن جي خدمت ڪرڻ بجاءِ، سنڌ جي وسيلن کي لٽڻ ۽ لٽرائڻ ۾ ڀرپور حصو ورتو، ڳجهن معاهدن تي صحيون ڪيون، ۽ ذاتي طاقت حاصل ڪرڻ جي حرص ۾ سنڌ جي زمين، پاڻي ۽ قدرتي وسيلن کي وفاق جي حوالي ڪري ڇڏيو. ان سڀ ڪڌن ڪمن تي ندامت بدران وري ڊاڙ، منافقاڻا بيان ۽ رويا, اداڪاريءَ ، جيئن ڪو هنن تي ئي ظلم ٿي رهيو هجي!
صدر آصف زرداري تي پڻ الزام آهن ته هن چولستان ۾ ڇهن ڪئنالن جي منصوبي تي ڪنھن جھجڪ بنا صحيح ڪري ڇڏي ۽ وفاقي اٿارٽيز سان گڏ منصوبي جي منظوري ڏني ڄڻ ھن جو سنڌ ۽ سنڌين سان ڪو واسطو ئي نه ھجي ـ پر جڏهن عوام آواز بلند ڪيو احتجاج سامهون آيو ته ٻه رخي سياست شروع ڪئي وئي. ڪئنالن جي مخالفت جو ناٽڪ ڪري ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جڏنھن ته اھڙو نوٽيفڪيشن رڪارڊ ۾ موجود آهي. ھن ساڳي آرڊيننس تي اڳوڻي صدر عارف علوي صحيح ڪرڻ کان مڪمل انڪار ڪيو ھيو ـ پ پ پ جو هي نه صرف ڪوڙ، پر بدترين سياسي منافقت آهي جيڪا جاري آھي ـ
اهي ڇهھ ڪئنال سيمينٽ جا رستا ناهن، پر سنڌ جي تباهيءَ جي علامت بڻيل آهن. سنڌ جي زرخيز زمين خشڪ ٿي رهي آهي. پاڻي جي تاريخي کوٽ ١٠٠ سالن جو رڪارڊ ۾ ايتري ڪون ٿي آهي ـ سان جي سنڌ جا هاري، زميندار، ۽ پورهيت بغير پاڻي جي سڪ تي ويٺا آهن، پڇڙي واري علائقن ۾ عبرت ناڪ خشڪ سالي آهي ـ جڏهن ته پنجاب چولستان ۾ پاڻي ذريعي پوکاري شروع ڪري چڪو آهي. هي رڳو سياسي ناانصافي نه، بلڪه انساني حقن جي شديد ترين ڀڃڪڙي آهي، هڪ highly violated crime against humanity.
سنڌ تڪليف ۾ ضرور آهي، پر ان جي حوصلي، شعور ۽ مزاحمت ۾ ڪا گهٽتائي ناهي. پاڻي سان گڏ، ھڪ اھم مسئلي جي نشاندھي ٿا ڪيون ته ھنن سنڌ جي عوام جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي انهيءَ جيڪو ڏٺو وڃي ته هڪ ٻيو وڏو ظلم آهي جيڪو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙين اسڪيمن جي صورت ۾ آهي، اھڙا پروگرام جيڪي غربت جي خاتمي جي نالي ۾ شروع ڪيا ويا، پر اصل ۾ عام ماڻهن/عورتن کي سياسي طور بي بس ڪرڻ ۽ محتاج رکڻ لاءِ شروع ڪياويا. غريب خاندانن کي ماهوار ٿورو ڪجهه ڏئي، انهن کي ووٽ بئنڪ طور استعمال ڪرڻ جو اهڙو نظام ٺاهيو ويو، جنهن ۾ عزت نفس ۽ ذاتي خودمختياري جو جنازو ڪڍيو ويو ماڻهن کي ڪمائڻ بدران پنڻ جي عادت تي لاٿو ويو. پئسا وٺڻ وقت عورتن سان پوليس، عملو، ۽ بينڪ اسٽاف جيڪو سلوڪ ڪري ٿو، اهو انسانيت لاءِ شرمناڪ منظر آهي.هاڻ جڏهن ته زمين، پاڻي، گئس، ڪوئلو، معدنيات، ۽ ٻين وسيلن تي وفاق جي قبضي تي پ پ پ پاڻ راضي آهي يا ته ھي اقتدار کي طويل رکڻ لاءِ ان حد تائين ڪري پيا آھن يا وري عيبن کي لڪائڻ لاءِ ھر ڪڌو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ويٺا آھن ـ جيڪڏهن ائين نه ھجي ھا ته ڪڏھن ڪوئي احتجاج سنڌ اسيمبليءَ مان ضرور ٿئي ھا , ڪا قرارداد پنھنجن قدرتي وسيلن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ پاس ڪرائجي ھا, ڪو شديد احتجاج رڪارڊ ڪرائجي ھا, پر نه بلڪل نه, يعني چور سان ڀاڳيو ٻڌل آهي ان سان اهو ثابت ٿئي ٿو ته پ پ صرف اقتدار لاءِ سنڌ جي مالڪي ٻين جي ھٿن ۾ ڏئي ننڊ ۾ آهي پنھنجي اقتدار لاءِ سنڌ ۽ سنڌين کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي ـ اهڙي غداري نه رڳو اڄ جي نسل سان، پر ايندڙ نسلن سان پڻ ڪئي وئي آهي. جيڪو پنهنجي عوام سان گڏ انسانيت جو گناه ڪبيرا آهي. پر هاڻ سنڌ خاموش ناهي!
سنڌ جو عوام جاڳي چڪو آهي. ماڻهو هر ڳوٺ، هر شهر مان نڪري آيا آهن. هي تحريڪ هاڻ ڪنهن روايتي سياستدان جي اڳواڻيءَ ۾ نه، پر نوجوان، بيباڪ، ايماندار وڪيلن جي اڳواڻيءَ ۾ هلي رهي آهي، جيڪي عدالتي ميدان سان گڏ روڊن تي به سنڌ جي حقن لاءِ وڙهي رهيا آهن. اڄ جو سنڌي انهن وڪيلن کي پنهنجو سچو اڳواڻ سمجهي ٿو، ڇو ته انهن وٽ نه سياسي ايجنڊا آهي، نه ذاتي مفاد ــ صرف حق، سچ ۽ انصاف لاءِ جدوجهد آهي.هي تحريڪ رڳو احتجاج نه، پر هڪ شعوري انقلاب بڻجي چڪي آهي ,شعور جي بلندي ۽ بيداري جو انقلاب حڪمرانن کي سمجهڻ گهرجي: سنڌي اٿيو آهي! ۽ هي پيپلز پارٽي جي منافقت تي ٻڌل سياست سنڌ ڪڏهن به نه وساري سگهندي.