بزدلي جا طعنا هاڻي منهنجي نِرڄي هڏي کي جوش ناھن ڏياريندا. پنھنجا خيال سرڪار جي اجازت سان ڇپجڻ لائق بڻائڻ لاءِ لکاري لاءِ احتياط لازمي آھي.چاھ سان اختيار ڪيل احتياط آھستي آھستي ماڻھون کي گھڻو ڪجهه چئي ڇڏڻ جو ھنر سيکاري ڇڏيندي آھي. سڄي زندگيءَ اھا مهارت سکڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. پر ھنر تي ڪامل گرفت نصيب نھ ٿي. انهيءَ ڪري پنهنجي صحافتي زندگي جو چوٿون حصو بيروزگاري جي اذيت ۾ گذاري ڇڏيو.بزدلي ۽ بهادري جي تصور بابت وقت ضايع ڪرڻ بدران، جان جي امان گھرندي پاڪستان جي وزيراعظم جناب شهباز شريف کي جي خدمت ۾ ھٿ ٻڌي عرض ھي ڪرڻو آھي تھ عالمي منڊي ۾جيڪڏهن پيٽرول جي قيمت گهٽي ھئي تھ ان اڱاري جي رات ان حوالي سان فراهم ڪيل سهولت وفاي حڪومت کي، خلق خدا ڏانھن رليف جي صورت ۾ منتقل ڪرڻ گهرجي ها. اپريل 2022 ۾ عمران خان بي اعتمادي جي رٿ ذريعي وزيراعظم جي عهدي تان هٽائڻ کان پوءِ، شهباز صاحب سندس جاءِ ورتي تھ پاڪستان کي "ڏيوالي” ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ يڪمشت ناقابل برداشت واڌ جو اعلان ڪيو ھو.
ذڪر ڪيل فيصلي عمران خان کي سياسي اعتبار کان نئين حياتي مُهيا ڪئي.خلق خدا جي وڏي اڪثريت کي ان امر تي قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته آمريڪا جي بائيڊن حڪومت کيس وزيراعظم جي عهدي تان هٽائڻ جي گيم ڪئي آھي.ڇاڪاڻ ته هو پاڪستان لاءِ سستو پيٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ روس سان لاڳاپا قائم ڪرڻ چاهي رھيو هو. هن جي ٻڌايل ڪهاڻي ۾ حقيقت جي لحاظ سان گھڻا ئي جھول هئا.ماڻھن جي چڱي خاصي انگ بھرحال ان کي قبول ڪيو. عمران حڪومت خلاف ان جي ڪاوڙ جو بنيادي سبب مهانگائي هئي. کيس اميد هئي ته سندس جاءِ تي ايندڙ حڪومت مهانگائي گهٽائڻ جو رستو اختيار ڪندي.
شهباز شريف جي لڳايل ناڻي واري وزير، مفتاح اسماعيل، جيڪو معاشيات جي شاگرد هجڻ سان گڏ هڪ ڪامياب ڪاروباري خاندان جو رڪن پڻ آهي، ماڻھن کي روزاني جي بنياد تي سمجھائڻ شروع ٿي ويو تھ عالمي منڊي جي مقابلي ۾ پاڪستانين کي سستو پيٽرول فراهم ڪرڻ لاءِ عمران خان حڪومت قومي خزاني کي ڪمزور ڪندي رھي. "سستو پيٽرول” غريبن جي بدران اشرافيه جي ان طبقي جي زندگي آسان بڻائي ٿو، جن جي گهرن ۾ هڪ نه پر سراسري طور تي ٽي کان چار جهاز جي سائيز جون گاڏيون بيٺل ھونديون آهن. سستو پيٽرول اصل ۾ انھن جي آسائش ڀري زندگيءَ لاءِ قومي خزاني مان سبسڊي فراھم ڪندي "عيش عشرت” کي هٿي ڏئي ٿو.غريب پاڪستاني کي ان مان ڪو به فائدو نٿو پھچي.
ايماندري جي ڳالهه آھي تھ مفتاح اسماعيل جا دليل ٻڌڻ ۾ نه رڳو جائز پر منطقي به لڳا. ھو تنقيد خوشيءَ سان برداشت ڪري وٺي ٿو.اڪثر هن سان دوستي ۾ ڳالهيون ڪندي، هن جي ذهانت کي فرياد ڪندو ھوس تھ ھوءَ ڪا اهڙي ترڪيب سوچي جنھن ۾موٽرسائيڪل قسطن ۾ خريد ڪرڻ جو ”ڏوھ ڪندڙ“هيٺين وچولي طبقي جو پاڪستاني عالمي منڊي ۾ پيٽرول مھانگي ھجڻ باوجود پنهنجي گھرج مطابق وطن ۾ سستي اگهن تي خريد ڪري سگھي، ڪئين ڀيرا ان موضوع تي گفتگو ٿي تھ ڪجهه ذهين دوستن "ٽارگيٽڊ سبسڊيز” جي حصول جو ذڪر ڪيو. ان جو سادي لفظن ۾ مطلب، انھن طبقن کي حڪومت کي رليف پھچائڻ آھي جيڪي اقتصادي اعتبار کان واقعي، ان جا مستحق آهن. مفتاح صاحب انهن سڀني جا خيال گھڻي غور سان ٻڌا. پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو.
اپريل 2022 کان وٺي آھستي آھستي پاڪستان جي عوام کي مسلسل تڪرار سان ان تلخ حقيقت جو عادي بڻايو ويو تھ غيرملڪين کان تيل درآمد ڪرڻ جي عادي ملڪ ۾ پيٽرول استعمال ڪندڙ کي عالمي مارڪيٽ ۾ ان شيءِ جي رائج قيمت ادا ڪرڻي پوندي. ان اصول کي بي دلي سان قبول ڪرڻ کان پوءِماڻھو اھا توقع رکڻ ۾ حق بجانب ھئا تھ ڪساد بازاري جي ھاڻوڪي دور ۾ جڏهن تيل جي قيمت عالمي منڊي ۾ تيزي سان گهٽجي رهي آهي، ته پاڪستان ۾ بھ پيٽرول سستو وڪرو ٿيڻ شروع ٿي ويندو. اڱاري جي رات، اسان مان اڪثر پاڪستاني اھا اميد ڪري ويٺا هئا ته پيٽرول جي قيمت ۾ عالمي منڊي جي رجحان کي نظر ۾ رکندي پيٽرول جي قيمت ۾ گهٽ ۾ گهٽ 9 رپين جي گهٽتائي جو اعلان ٿيندو.اڱاري جي رات 9 وڳي کان اڳ، ٽي وي چينلن کي حڪم مليو8 وڳي کان9 وڳي وچ ۾ ھلندڙ ”پرائم ٽائم“ پروگرامن جي وچ ۾
وزيراعظم جي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب جون جھلڪيون ڪنھن بھ وقت ھلاڻيون پئجي سگھن ٿيون.بھرحال اھي ھليون تھ ”خبر“ اھا ملي تھ پيٽرول جي عالمي منڊي ۾ گهٽجندڙ قيمت مان قومي خزاني جيڪو سھارو مليو آھي. ان مان ملندڙ اضافي رقم رستن جي تعمير تي خرچ ٿيندي.سکر کي ڪراچي سان موٽر وي ذريعي ڳنڍڻ ملڪ کي جديد ترين بڻائڻ لاءِ لازمي آهي. ڪوئيٽا کي چمن سان ڳنڍيندڙ هاءِ وي کي به ٻه طرفي ٽرئفڪ کي يقيني بڻائڻ جي گھر ڪري ٿي،رستن جي تعمير جي لاءِ پر قومي خزاني ۾ رقم ڪيترن ئي طريقن سان موجود آهن. جيڪڏھن موجود نه آھي تڏھن پڻ حڪومت جي ٽيڪس گڏڪندڙن جي ذميواري هئي ته اهي هاڻي تائين پاڪستان جي انھن امير طبقن جي نشاندھي ۽ ان کان آمدني تي واجب الادا ٽيڪس گڏ ڪرڻ جا طريقا ڳولين وٺن ها، جنهن سان قومي خزاني کي ان قابل بڻائين ھا تھ ملڪ جي ترقي لاءِ گهربل انفراسٽرڪچر ٺاهڻ جي قابل بڻائي سگهون ھا.عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ جيڪا گهٽتائي هن وقت نظر اچي رهي آهي اها هر لحاظ کان عارضي آهي. روس پنهنجي آزادي لاءِ. يوڪرين ۾ جنگ ختم ڪرڻ کان علاوه، اهو پڻ ضروري آهي ته آمريڪا ايران سان هڪ معاهدو ڪري. يمن جي حوثي باغين کي سامونڊي واپار ۾ خلل وجهڻ جي قابل نه رھن.ٽرمپ ديواني نظر اچڻ جي باوجود، ذڪر ڪيل ھدفن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. آمريڪا کي سڄي دنيا لاءِ تيل ۽ گئس فراھم ڪندڙ سڀ کان وڏو ملڪ بڻائڻ بھ چاهي ٿو. پنهنجن مقصدن تائين پهچڻ ۾ بھرحال وقت لڳندو آهي.ان سان گڏ، تيل جي گهٽجندڙ قيمتن جي ڪري وڏي تعداد ۾ پاڪستانين جي ماڻھن کي جيڪو رليف فراهم سگھيو پي، ان کي يقيني بڻائي، جيڪڏهن لکين نه ته ڪروڙن گهراڻن کي مهانگائي جي حوالي سان ڪجهه رليف فراهم پھچائڻ ممڪن ھو. پر وزيراعظم ان پهلوءَ تي ڪو به ڌيان نه ڏنو. ڪاش سندس درٻار ۾ ويٺل نورتنن مان ڪو ھڪ شخصکيس اهو ٻڌائڻ جي جرئت ڪري سگھي ھا ته پاڪستان جا غريب ماڻهو گذريل ٽن سالن کان مسلسل ان خوف ۾ مبتلا آھي تھ اھي پنهنجي ھن وقت جي زندگي جو معيار برقرار نه رکي سگهندا. اڱاري جي شام عالمي منڊي ۾ تيل جي گھٽجندڙ قيمت جي ڪري قومي خزاني کي مليل مدد مان ان طبقن کي ٿوري مدد مھيا ڪري تسلي ڏئي سگهڻ ممڪن ھو.پر اھو موقعو ھنن ھٿ سان وڃايو ويو آهي.