وفاقي سرڪار ڳالهين تي وقت ضايع ڪرڻ بدران فوري طور ڪئنال منصوبو رد ڪري

رپورٽون آهن ته وفاقي  حڪومت ڪئنال منصوبي بابت قوم پرست اڳواڻن سميت احتجاجي تحريڪ هلائيندڙ سڀني سياسي جماعتن، ۽ وڪيلن سان وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءَ الله ذريعي رابطو ڪري ڳالهين جي آڇ ڪري رهي آهي. ان ڏس ۾ رانا ثناءَ الله اياز لطيف پليجي، سيد زين شاهه، مذهبي اڳواڻ راشد محمود سومري، وڪيل بيريسٽر سرفراز ميتلو سان ٽيليفونڪ رابطا ڪري تڪراري ڪئنالن وارو معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. جڏهن ته ان کان اڳ رانا ثناءَ الله سنڌحڪومت جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ڳالهين لاءِ رابطو ڪيو هو. پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته رانا ثناءَ الله جن به اڳواڻن سان رابطو ڪيو آهي سڀني جو کيس اهو ئي جواب آهي ته ڳالهين جي ڪا ضرورت ئي ناهي، تڪراري ڪئنالن جو منصوبو رد ڪريو ته مسئلو ئي حل آهي.

هونئن ته سڀ جهموري ڌريون ڳالهين جون قائل هونديون آهن پر وفاقي حڪومت پاڻ ڳالهين جو وقت بيدردي سان ضايع ڪري چڪي آهي. ڪافي وقت کان سنڌ حڪومت جا وزير خاص ڪري وڏو وزير مراد علي شاهه حڪومت کي چئي رهيو هو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرايو وڃي جيئن هن تڪراري منصوبي تي ڳالهايو وڃي پر حڪومت اهو اجلاس وقتائتي طور تي نه گهرائي سگهي جنهن نتيجي ۾ ڪئنالن جو معاملو بحراني شڪل اختيار ڪري ويو.  سنڌ حڪومت جي ڳالهه وقت سر نه مڃڻ ڪري پهريون قوم پرست جماعتون هڪ هڪ ڪري روڊن تي نڪري آيون، پوءِ وفاقي سياسي ۽ اقتداري جماعتون جن ۾ پي ٽي آءِ، جي يو آءِ، جماعت اسلامي، اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم مخالف بڻجي ويون ۽ پوءِ هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو ٻاهر نڪتو ۽ آخر ۾ وڪيل برادريءَ  رستا بند ڪري پنجاب سان بائيڪاٽ ڪري ڏيکاريو. هاڻي پنجاب جا رستا سنڌ صوبي ڏانهن بند ڪرڻ کي هفتو ٿي رهيو آهي پر وفاقي حڪومت لڳي ٿو ته ته ڳالهين جي بهاني ٻيو  هفتو به ضايع ڪرڻ جي موڊ ۾ آهي جيڪو ملڪ ۽ عوام جي بلڪل به حق ۾ ناهي. هڪ لحاظ کان ڏسجي ته سنڌ جي عوام، سنڌ جي سڀني قوم پرست،  سياسي جماعتن، وڪيلن، ڊاڪٽرن، شاگردن استادن، صحافين، اديبن، فنڪارن  سڀني ڪئنالن خلاف ريفرنڊم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ معاملي کي نو رٽرن پوائنٽ تي اچي بيهاريو آهي. پوءِ به وفاقي حڪومت کي خيرن سان اڃان هاڻي ڳالهين جي ميز تي اچڻ جو خيال آيو آهي. پر هاڻي ڳالهين جي ڪا گنجائش ناهي رهي.

 ائين به ناهي ته ڪو عوام جي تحريڪ ڪنهن ناجائز مطالبي تي ٻڌل آهي. نه ئي ڪو عوام حڪومت يا  ڪنهن وزيراعظم کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي جيڪو حڪومت لاءِ تسليم ڪرڻ ڪو ناممڪنات جهڙو آهي. مطالبو اصل ۾ اهو آهي ته ته سنڌو درياهه جي سسٽم ۾ ايترو پاڻي ئي ناهي  جو ان تي ڪو هڪ به ڪئنال ٺاهي سگهجي. خاص ڪري اهڙي صورت حال ۾ جڏهن سنڌ ۾ پاڻي تي شديد ترين کوٽ هجي، ان کي 91ع جي معاهدي تحت پنهنجي حصي جو پاڻي به نه ملندو هجي، انڊس ڊيلٽا ڀڙڀانگ لڳي پئي هجي، سنڌو درياهه پنهنجو سفر پورو ڪري سمنڊ ۾ ڇوڙ به نه ڪري سگهندو هجي، زراعت لاءِ ته ٺهيو پر ماڻهن ۽ جانورن جي پيئڻ جو به پاڻي نه هجي، سنڌ ۾ واضح طور تي ڏڪار هجي ۽ هوڏانهن ارسا به مڃيندي هجي ته سنڌو جي سسٽم ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي. پوءِ به ڇهه ڇهه ڪئنال اڏڻ جا منصوبا آندا وڃن ته ظاهر آهي ته عوام سراپا احتجاج ئي ٿيندو جيڪو ٿي چڪو آهي.هاڻي جڏهن وفاقي حڪومت سنڌ سرڪار سميت احتجاجي تحريڪ هلائيندڙ جماعتن کي ڳالهيون ڪرڻ جي آڇ ڪري رهي آهي ته ان جا ٻه مقصد نڪري سگهن ٿا يا ته  ان جو ڪئنالن جي منصوبي مان هٿ ڪڍڻ جو ارادو ناهي يا وري جيئن انگريزي ۾ چئبو آهي ته ” فيس سيونگ“ لاءِ ڳالهايو پيو وڃي جيئن رانا ثناءَ الله هڪ ٽي وي چينل تي چيو هو ته اسان کي چيو وڃي ٿو ته اهي پاڻي چور آهن، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي رهيا آهن ته اسان کي به اهڙي صورت ۾ وضاحت جو موقعو ملڻ گهرجي.اسان جو ان حوالي سان وري اهو خيال آهي ته ان ۾ به اوهان جو ئي ڏوهه آهي ته اوهان ڳالهيون ڪرڻ ۾، گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ ۾ پاڻ ئي دير پئي ڪئي. پهريون ته وفاقي حڪومت پاڻ ان  سوال جو جواب ڏي ته آئيني طور هر ٽئين مهيني گڏيل مفادن  واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ بدران هڪ جي سال ڇو دير ڪئي وئي آهي ۽ ان غير آئيني غفلت جو ڇو شڪار  ٿيا آهيو؟  ان ۾ ڪنهن جو ڏوهه آهي. اها به حقيقت آهي ته ان غفلت سبب وفاقي حڪومت کي ئي نقصان رسيو آهي. ٻيو ته ڇڏيو اوهان پنهنجي حڪومت جي انتهائي وڏي ۽ اهم اتحادي جماعت پ پ جي عزت جو به خيال نه ڪيو ۽ سنڌ اندر ان جي سياسي پوزيشن مشڪوڪ بڻائي ڇڏي آهي جنهن مان نڪرڻ لاءِ ۽ سنڌي عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ ان اوهان کي ڌمڪيون ڏيڻ به شروع ڪيون آهن ته سندن خيال نه ڪيو ويو ۽ تڪراري ڪئنالن جو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته پ پ وفاقي حڪومت جي حمايت ختم به ڪري سگهي ٿي. هاڻي ته سنڌ حڪومت به ڪئنالن جي خلاف سنڌ ۾ جلسا ڪري رهي آهي.

ڪيڏي نه حيرت ۽ افسوس جي ڳالهه آهي جڏهن پ پ اوهان جي شهباز شريف کي ٻه ڀيرا  وزيراعظم بڻائڻ ۾ به  پنهنجو اهم حصو وڌو. ٻيو ته اوهان کي وفاق جي سلامتيءَ جو به ڪو احساس نه پيو ٿئي ته هڪ ئي وقت ٽي صوبا اوهان جي پاليسين جي خلاف آهن ۽ وفاق کي پٺي ڏئي بيٺا آهن. سو وفاق ۽ ملڪ جي آڏو ڪئنالن جو منصوبو رد ڪرڻ ۾ سوچڻ جي ڪا ضرورت ناهي پاڻي به سسٽم ۾ ناهي تهن ڪري وفاقي حڪومت جمهوري روح  پٽاندڙ ترت ئي ڪئنالن جي منصوبي کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.