ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) سنڌو درياءَ تي ٺھندڙ 6 ڪئنالن خلاف ملير بار ايسوسيئيشن جي صدر ارشاد شر،جنرل سيڪريٽرياياز چانڊيو،رضا سولنگي، اڪرم قريشي، اسدالله ڀنڀرو، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لنڪ روڊ ڌرڻو ٻئي ڏينھن بھ جاري رھيو جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ وڪيلن، سول سوسائٽي ۽ ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تھ ھي ڪئنال اسان جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي اسان انھن کي برداشت نھ ڪبو جيستائين وفاقي حڪومت انھن کي رد نٿي ڪري تيستائين اسان جو ڌرڻو جاري رھندو، ھنن چيو تھ ھي ڌرڻا روز بروز وڌندا ويندا جنھن ڪري وفاقي حڪومت کي گھرجي تھ فوري طور تي ڪئنالن کي رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري. ان موقعي تي سول سوسائٽي جي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاھھ، ترقي پسند پارٽي جي اعجاز سامٽيو، اشفاق چنڙ، يعقوب خاصخيلي، وڪي ڪمار ۽ ٻين ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي، ٻئي طرف ملير بار جي وڪيلن پاران ڪئنالن خلاف ملير ۾ مين نيشنل ھاءِ وي تي ڏنل ڌرڻي ۾ جي يو آءِ (ف) سنڌ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو پھچي ويو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي مولانا راشد محمود سومرو چيو تھ وفاق جي فيصلي خلاف سنڌ سراپا احتجاج آھي ڇھن ڏينھن کان ملڪ جام لڳو پيو آھي پر وفاق پنھنجي ھٺ ڌرمي جي قائم آھي.