نئين دهلي (م ڊ) ڀارت والاريل ڪشمير جي مسلم اڪثريتي علائقي پهلگام ۾ 26 سياح مارجڻ کانپوءِ سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ ۽ اٽاري چيڪ پوسٽ بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڀارتي وزيراعظمنريندر مودي جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس کانپوءِ ڀارت پاڪستانين کي سارڪ تحت ويزائون بند ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي. ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ويو ته سڀني پاڪستانين جون ڀارتي ويزائون ڪينسل ڪيون پيون وڃن، ڀارت ۾ موجود پاڪستانين کي 48 ڪلاڪن ۾ ملڪ ڇڏڻ جو حڪم به ڏنو ويو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ موجود ڀارتي شهري پهرين مئي تائين اٽاري چيڪ پوسٽ رستي واپس اچي سگهن ٿا. ڀارت پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ سڀني دفاعي، فوجي، بحري ۽ فضائي صلاحڪارن کي اڻ وڻندڙ قرار ڏئي ڇڏيو ۽ ، جڏهن ته ڀارتي دفاعي اتاشي کي پاڪستان مان واپس گهرائڻ جو اعلان به ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب پاڪستان ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جو عملو محدود ڪيو ويندو، ڀارتي هاءِ ڪميشن جو عملو پهرين مئي تائين 55 مان گهٽائي 30 ڪيو ويندو.
اسلام آباد (بيورو رپورٽ/م ڊ) پهلگام ۾ حملي جي نتيجي ۾ ڀارت پاران پاڪستان خلاف سخت قدم کڻڻ جو اعلان ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف خميس تي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس سڏايو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس 24 اپريل جي صبح جو ٿيندو، جنهن ۾ ڀارت جي ڪاررواين جي جواب ۾ فيصلو ڪيو ويندو. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي. ڀارت جي تازن قدمن کانپوءِ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، جيڪو وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندو. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي خواجا آصف وڌيڪ چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ ڀارت کي اثرائتو جواب ڏيڻ جي حوالي سان فيصلو ڪيو ويندو. اجلاس صبع 11 وڳي ٿيندو.