اسلام آباد (بيورو رپورٽ/م ڊ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ سان هڪ ڀيرو ٻيهر ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن پاڻي مسئلي تي مشاورت جو عمل اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. گفتگو دوران راڻا ثناءُ الله چيو ته اسان سڀني معاملن کي مشاورت سان حل ڪرڻ تي يقين رکون ٿا، ڪنهن به صوبي جو پاڻي بئي صوبي کي منتقل نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي ڪنداسين. هن چيو ته پاڻي جي ورڇ انتظامي ۽ فني مسئلو آهي، جنهن جو حل به انتظامي ۽ ٽيڪنيڪي بنيادن تي ڪيو ويندو، مشاورت جو عمل اڳتي وڌايو ويندو ۽ خدشا ختم ڪيا ويندا. هوڏانهن وفاقي حڪومت ڪينالن جي معاملي تي پ پ جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب وفاقي حڪومت سنڌو درياهه مان نوان ڪينال ڪڍڻ تي معاملي تي پ پ جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ ڳالهين جي ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي ۾ احسن اقبال ۽ راڻا ثناءُ الله سميت ٻيا به شامل هوندا، جڏهن ته ان ۾ آبي ۽ زرعي ماهرن کي به شامل ڪرڻ جو امڪان آهي. وفاقي حڪومت جي اها ڪميٽي پ پ قيادت ۽ ٻين سان رابطو ڪري ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. ذريعن موجب وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ ڪميٽي کي حتمي شڪل ڏني ويندي، شهباز شريف ان معاملي تي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقاتون به ڪندو.
لاهور(م ڊ)آبي وسيلن واري وفاقي وزير معين وٽو چيو آهي ته ڪئنالن تي هرو ڀرو تڪرار اڀري ويو. هر صوبو پنهنجي حصي جي پاڻي کي پنهنجي مرضيءَ موجب استعمال ڪري سگهي ٿو، ڪئنالن جو مسئلو غلط فهمي ۽ صلاح مشورو نه ڪرڻ جي ڪري تڪراري بڻجي ويو. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته گرين پاڪستان منصوبي جي تحت ٻه ڪينال سنڌ، ٻه پنجاب ۽ هڪ بلوچستان ۾ ٺهڻو آهي. هن چيو ته چولستان ۾ ٺهندڙ ڪينالن تي اعتراض ڪيا پيا وڃن جيتوڻيڪ اڳواٽ موجود فارمولا جي تحت ئي ان ندي کي پاڻي ڏنو ويندو، ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن مسئلو حل ٿي ويندو. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته گرين پاڪستان منصوبي جي تحت ٻه ڪينال سنڌ، ٻه پنجاب ۽ هڪ بلوچستان ۾ ٺهڻو آهي.