سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۾ عدالتن جو بائيڪاٽ

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي هڙتال جي سڏ تي وڪيلن سٽي ڪورٽ ۾ ڪينالن خلاف ريلي ڪڍي، نعريبازي ڪئي ۽ عدالتي ڪارروايون معطل ڪرايون.وڪيلن پاران ايم اي جناح روڊ تي احتجاجڪيو ويو.  ٻٻرلو باءِ پاس ڌرڻي جي حمايت ۾ احتجاج ڪري روڊ بلاڪ ڪيو ويو ۽ بعد ۾ کوليو ويو. حيدرآباد ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي وڪيلن 6 تڪراري ڪينالن خلاف عدالتن جو بائيڪاٽ ڪيو، جنهن سبب ڪورٽن ۾ ڪو به ڪيس هلي نه سگهيو. وڪيلن احتجاج ذريعي سنڌو درياهه تي ٿيندڙ ناانصافين خلاف آواز بلند ڪيو. ٻٻرلوءِ ۾ غيرقانوني ڪئنالن خلاف لڳل ڌرڻي جي حمايت ۾ سکر جي وڪيل برادري عدالتن ۾ پيش ٿيڻ بجاءِ ڌرڻي ۾ شريڪ ٿي وئي. وڪيل اڳواڻن آچر خان گبول، شبير علي بوزدار، سندر خان چاچڙ ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياهه اسان جي ريڊ لائين آهي، ان تي ڌاڙي خلاف ڪنهن به صورت ۾ پوئتي نه هٽبو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.