سنڌو جي عاشقن جا حوصلا وڌيڪ بلند، ڪمون شهيد، ڊيرا موڙ ۽ ڪراچي ۾اڄ ڌرڻن جو اعلان

  سکر/خيرپور(رپورٽ: شفيع محمد جوڻيجو+ مختيار ڦلپوٽو+ متين مهر) سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪڍڻ واري عمل خلاف ٻٻرلوءِ وٽ لڳل ڌرڻي کي چوٿون ڏينھن مڪمل ٿي ويو ، وڪيلن توڙي ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻھنجا حوصلا بلند آهن. جڏهن ته اڄ کان  ڪمون شهيد، ڊيرا موڙ ۽ ڪراچي ۾ ڌرڻن جو اعلان ڪندي 72 ڪلاڪن اندر مطالبا نه مڃڻ تي ريلوي ٽريڪ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سنڌو مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٻٻرلوءِ ۾ وڪيل اڳواڻن ڪراچي بار جي صدر ايڊوڪيٽ عامر وڙائڇ ،سنڌ بار ڪائونسل جي صدر سرفراز ميتلي، مصطفي ڪورائي جي اڳواڻي ۾ لڳل ڌرڻي کي ٽي ڏينهن گذرڻ بعد وڪيلن جو مشاورتي اجلاس ٻٻرلوءِ  ۾ ايڊوڪيٽ سيد جعفر شاھ جي رهائش گاهه تي ٿيو. اجلاس  ۾ وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ،سرفراز ميتلو، جوڊيشل ڪائونسل جو وائيس چيئرمين شفقت رحيم، لاڙڪاڻي ٻار جي صدر اطهر عباس سولنگي، مصطفي ڪورائي ۽ ٻين ٻار جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، اجلاس بعد ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ عامر وڙائڇ ،سرفراز ميتلي ۽ مصطفي ڪورائي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌو مان غيرقانوني طور نڪرندڙ ڇهن ڪئنالن خلاف شروع ڪيل احتجاج ۾ اسان حڪومت کي 72 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏنو هو پر وفاقي حڪومت هن اهم معاملي کي سنجيده نه پئي وٺي ۽ 72 ڪلاڪن جي احتجاج بعد اسان جو گڏيل اجلاس ٿيو . جنهن ۾ اسان وفاقي حڪومت کي وڌيڪ 72 ڪلاڪن جو وقت ڏيندي گهر ڪيون ٿا ته جلد ڪئنالن بابت نوٽيفڪيشن واپس وٺي. هن چيو ته اڄ کان احتجاج جو دائرو وڌائيندي ڪمون شهيد سرحد، ديرا موڙ ۽ ڪراچي ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيون ٿا.  نوٽيفڪيشن واپس نه ٿيو ته خميس ڏيهن ٻيهر اجلاس ڪوٺائي ريلوي ٽريڪ پڻ بند ڪيو ويندو ۽ ڪنهن به صورت ۾ نوٽيفڪيشن واپس ٿيڻ  کان سواءِ ڌرڻو ختم نه ڪيو ويندو، هنن چيو ته پوري سنڌ ۾ عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ جاري رهندو، ايندڙ ٽن ڏينھن بعد پوري ملڪ جي عدالتن جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو جنهن لاءِ اسان سان پوري ملڪ جي وڪيلن ۽ بار جي اڳواڻن سان رابطا هلندڙ آهن، وڪيل اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به پارٽي ڪئنالن خلافِ احتجاج جو سڏ ڏنو ته اسان ان کي ڀليڪار ڪنداسين،ڌرڻي ۾ سيد زين شاھ،  اياز لطيف پليجو،سينيٽر راحيلا مگسي،رياض چانڊيو، معظم  عباسي،لال چند مالھي جڏھن ته سنڌ جي مشھور فنڪارن ۽ اداڪارن حيدر قادري عرف تيزاب سنڌي، سيف سميجو،رجب فقير شعبان چاچڙ سميت سموري سنڌ جي سنڌين ڊاڪٽرن ۽ ھر مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻھو توڙي سياسي،سماجي، قوم پرست اڳواڻن، ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي صدر آصف علي زرداري سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪري سنڌ جا وسيلا گئس،ڪوئلا،ٻيٽ ۽ ٻيون شيون پنجاب جي حوالي ڪيون آهن پر سندس ماڻھو پيا چون ته صدر جي ھٿ ۾ 5 ڪلو ميٽر روڊ تعمير ڪرڻ  جو اختيار به ناھي. جيڪڏهن ھن جي ھٿ ۾ روڊ به ناھي ته پوءِ صدر جي عھدي کي ڇڏي ڇو ڪونه پيو. ھنن چيو ھاڻي سنڌ سڄاڳ ٿي وئي آھي ۽ ھر سنڌي جا جذبن روز بروز وڌندي رھيا آھن. ھنن چيو ته سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي سخت کوٽ آھي ويتر ھي سنڌ کي تباھ ڪرڻ ۽ سنڌين غلام ڪرڻ چاھن ٿا ھنن چيو اسان جي ڌرڻي کي 4 ڏينھن مڪمل ٿي ويا آھن ۽ ڌرڻو پنجين ڏينھن ۾ داخل ٿي ويو آھي پر اسان جا حوصلا بلند آهن ۽ پر اسان جو ھڪ ئي موقف آهي ته ڪئنال واري منصوبي جو نوٽيفڪيشن رد ڪيو. ھنن چيو ته وفاق پنھنجي ھوڏ ۽ طاقت جي نشي ۾ چور ٿي ويو آھي جنھن کي صرف پنھنجي مفادن کي حاصل ڪرڻ جي لالچ سگي پر سندن اھڙا ظالماڻا فيصلا سنڌ واسي ڪڏھن به قبول ڪونه ڪندا ھنن چيو ته ھي ڇوليون ڏيندڙ ماڻھون جو سمنڊ ڪنھن به طاقتور کان ڊڄڻ وارو ناھي اسان پنھنجي سر تي ڪفن ٻڌي ميدان ۾ آيا آھيون ائين پوئتي ڪونه ھڻنداسين ان موقعي تي سموري جي سياسي سماجي قومپرست توڙي وڪيلن پڻ وڏي تعداد ۾شرڪت ڪئي ۽ ھر طرف پنجاب جي ڏاڍ ۽ جبر خلاف نعريبازي ڪئي جڏھن ته ڪيترائي ماڻھن پاران ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي قافلن جي صورت ۾ ڌرڻي واري پھتا ۽ نعريبازي پنجاب خلاف نعريبازي ڪئي. سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي ٻٻرلوءِ ۾ وڪيلن جي ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياءُ مان نڪرندڙ 6 ڪينال اسان جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي اسان جي ايندڙ نسلن جو مسئلو آھي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.