نيويارڪ/ڪراچي(رضا رومي)ناليواري قانون دان شهاب اوستو چيو آهي ته سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ ايڪڙ زرعي زمين آهي، چولستان۾ 50 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ ڪئنال ٺاهيا پيا وڃن،ان لاءِ توهان گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جي زحمت ئي ناهي ڪئي،سي سي آءِ هڪ ادارو ناهي بلڪل متبادل حڪومت آهي،ان جي پنهنجي ڪابينا آهي،هن چيو ته هر ٽن مهينن بعد سي سي آءِ جو اجلاس گهرائڻ آئيني گهرج آهي پر توهان ايس آءِ ايف سي جوڙي سي سي آءِ کي باءِ پاس ڪري ڇڏيو،ان اداري جو قائم ٿيڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي،ايس آءِ ايف سي سمورو غيرآئيني ادارو آهي،اسان پنجاب جي دوستن کان پڇون ٿا ته آئين جي ڪهڙي شق تحت توهان ايترو وڏو فيصلو ڪيو آهي؟ هن چيو ته پنجاب جي دوستن کان ٻيو وڏو سوال اهو آهي ته اها رٿا جڏهن بڻائي وئي ته ان لاءِ توهان ڪا فني تحقيق ڪئي؟ڪا اهڙي اسٽڊي ٻڌايو جنهن ۾ اهو ٻڌايل هجي ته ايترو پاڻي موجود آهي،ارسا چولستان ڪئنال لاءِ هڪ تڪراري سرٽيفڪيٽ به جاري ڪري ڇڏيو،هن چيو ته چيو پيو وڃي ته ستلج مان پاڻي ڏنو ويندو پر ستلج پاڪستان جي پاڻي جي نظام جو حصو ئي ناهي،اهو ته توهان انڊيا کي ڏئي ڇڏيو آهي،ڀارت ستلج ۾ پاڻي تڏهن ڇڏيندو آهي جڏهن اتي مها ٻوڏ ايندي آهي،مون کي ٻڌايو ته 25 سالن ۾ ڪيتريون ٻوڏون آيون؟ سنڌ ۾ زبردست عوامي دٻاءُ کانپوءِ پ پ حڪومت هاڻي وڃي هڪ پوزيشن ورتي آهي پر توهان ڏسو ته پنجاب حڪومت اڄ به ڪئنالن تي بضد آهي،هاڻي سنڌ جي ماڻهن لاءِ اهو آئيني،قانوني سياسي مسئلو ناهي بلڪه زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻجي ويو آهي،ٻهراڙي ۾ ته صنعتون به ناهن،80 سيڪڙو ماڻهن جو گذر سفر زراعت تي آهي،توهان زراعت کي تباهه ڪندا ته پوءِ ان سان وفاق مخالف لهر پيدا ٿيندي ان جو فائدو ڪنهن کي ٿيندو؟ هن چيو ته آئين تحت وفاق صوبائي حڪومت کان رڳو وفاقي کاتن لاءِ شرط ضابطن تي زمين وٺي سگهي ٿو،مون کي ٻڌايو ته ڇا ڪارپوريٽ فارمنگ وفاقي سبجيڪٽ آهي؟ زراعت صوبائي سبجيڪٽ آهي،وفاق ذيلي پرائيوٽ ڪمپني ذريعي سنڌ جي نگران حڪومت کان 52 هزار ايڪڙ زمين وٺي ڇڏي،ان تي ماڻهو روڊن تي ته ضرور نڪرندا،مٿان کان پ پ جي ڊبل گيم ۽ ٻٽي پاليسي آهي انهن جي سدائين ڪوشش هوندي آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ اتحادين کي خوش رکن پوءِ جڏهن عوامي دٻاءُ وڌندو آهي ته پويان پير ڪندا آهن،هن وقت سنڌ جنهن طرف وڃي رهي آهي واڳ ڌڻين کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي،انهن جون اکيون کلڻ گهرجن،ڪالهه ٻٻرلوءِ وٽ 48 سينٽي گريڊ گرميءَ ۾ ٻه لک ماڻهو گڏ ٿيا،سنڌ بلوچستان ناهي،سنڌ جي موجوده زي جنريشن نه ڀٽو کي ڏٺو آهي نه ئي بينظير کي ڏٺو آهي اهي آزاد خيال ماڻهو آهن،مان انهن سان گڏ اٿا ويهان ٿو،اهي آگاهه ماڻهو آهن ،هن چيو ته سمورن طبقن ۾ ڪئنالن خلاف اتفاق راءِ آهي،اڄ تائين وفاقي حڪومت جو ڪو پاليسي بيان ناهي آيو،جنهن سان وڌيڪ مونجهارو پيدا پيو ٿئي،حڪمران ڌر پاڻ روڊن تي اچي وئي آهي،هن چيو ته دنيا ۾ ڪٿي ڏٺو اٿئو ته حڪومت آئيني ذميواري نڀائڻ بدران پاڻ احتجاج ڪندي هجي،8مهينن کان اها تحريڪ تمام پرامن رهي آهي،پ پ حڪومت جو پاڻ روڊن تي اچڻ بيوسي جو اظهار آهي،اهڙي طرح رياست ڪيئن هلندي؟ هن چيو ته سوال اهو آهي ته توهان وفاق کي آئين تحت هلائيندو يا نه؟ 26هين ترميم آڻي حڪمرانن عدليه کي ختم ڪري ڇڏيو آهي،توهان مون کي ٻڌايو ته منهنجو بنيادي حق مارجي ته مان ڪيڏانهن وڃان؟بلاول کي خوش فهمي آهي ته سياسي طور ڳٺ جوڙ ڪري”پنڊي“ وارن کي خوش ڪري وزيراعظم بڻجي ويندو،پنڊي وارن کي ڀلي خوش ڪري اچي وڃي پر ماڻهو هن مان خوش ناهن،هو گهر مان نه نڪري سگهندو،هاڻي اهو ٽرينڊ وڌي رهيو آهي،وفاقي ۽ صوبائي وزير محفوظ ناهن،26هين ترميم ۾ رڳو هڪ سٺو ڪم اهو آهي ته آرٽيڪل 9 ۾ ماحوليات بنيادي حق هوندو،ماڻهو بنيادي حق لاءِ روڊن تي اچي ويا آهن،عدليه ۾ انهن لاءِ رستا بند آهن،جڏهن سمورا رستا بند ٿي وڃن ته مون کي ٻڌايو ته ماڻهو ڪيڏانهن وڃن؟ڇا توهان طاقت جو استعمال ڪندا؟ بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ توهان اهو حربو هلائي چڪا آهيو،جيستائين ڪئنال ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نٿو ٿئي سنڌ سڪون ۾ نه رهندي،هن چيو ته سنڌ ۾ ڊي ايڇ اي ۽ بحريا ٽائون کي بغير ڪنهن قانوني ڪارروائي جي 50 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زمين ڏني وئي آهي،ڪراچي کان حيدرآباد تائين حڪمرانن سموريون زمينون ڏئي ڇڏيون آهن، هن وقت سيڪيورٽي،سياسي ۽ ڪاروباري اشرافيه جو ناپاڪ اتحاد قائم ٿيل آهي،نيب ختم ٿيڻ بعد احتساب نالي ڪا شئي ناهي،پوري دنيا ڏسو،پاڪستان خاص طور تي سنڌ ۾ ايتري سياسي ڪاموراشاهي ڪٿي به ناهي،جيڪڏهن توهان نظام غيرآئيني طريقي سان هلائيندا ته هي جيڪو ٿي رهيو آهي اهو ته ٿيڻو ئي آهي،توهان گئس،ڪوئلو،تيل ۽ ٻي معدنيات کنئي پر گهٽ ۾ گهٽ پاڻي کي به بخش ڪيو،اڄ به بدين،ٺٽي،سجاول ۾ ماڻهن وٽ پيئڻ لاءِ پاڻي به ناهي،اسان کي پنهنجي سامونڊي پٽي بچائڻ لاءِ تمر جا ٻيلا کپن،هن وقت ڌانڌلي ذريعي جيڪا حڪومت قائم ڪئي وئي آهي ان ۾ ته واڳ ڌڻين جي خوش قسمتي سان ڪا اپوزيشن ئي ناهي،سنڌ ۾ ته بلڪل ئي ناهي،جيڪي حڪمران اتحادي آهن اهي پاڻي معاملي تي ته گهٽ ۾ گهٽ ريڊلائن تي اتفاق راءِ ڪن،هن وقت جيڪا تحريڪ هلي پئي ان آڏو ايم آرڊي جي تحريڪ ڪجهه به ناهي،سنڌ ۾ اپوزيشن قيادت جي غيرموجودگي ۾ ايم آر ڊي کان ڪيترائي ڀيرا طاقتور گراس ليول سطح تي تحريڪ پئي هلي،ان ۾ شاگرد،وڪيل،ڊاڪٽر،اديب،صحافي سڀ شامل آهن،اهو غلط آهي ته قوم پرست انهن جي قيادت پيا ڪن، قوم پرست رڳو انهن جي پوئواري پيا ڪن،اها تحريڪ ايترو اڳتي هلي وئي آهي ته انهن کي ليڊر جي ضرورت ئي ناهي، ڪراچي ۾ اسان جي ريلي ۾ ڪراچي جي ساڃاه وندن ڊاڪٽر قيصر بنگالي،عارف حسن،فيصل ايڌي جهڙا غيرتڪراري اڳواڻ به رڙيون پيا ڪن ته پاڻي ته نه کسيو،ان کان اڳ جو ڪو سانحو ٿي وڃي حڪومت اکيون پٽي،ليکڪ دانشور نصير ميمڻ چيو ته ڀارت وٽ يمنيٰ،براهمپترا،پاڪستان جا ٽي درياهه ۽ ڪيترائي قدرتي پاڻي وسيلا آهن،ان ڪري اهو ڊيم پيو ٺاهي، توهان(پاڪستان) وٽ واڌو پاڻي هوندو ته پوءِ ڊيم ٺاهيندا نه؟ توهان جا ته 15 ڏينهن اڳ تائين ٻه ئي ڊيم ڊيڊ سطح تي پهچي ويا هئا، داسو ڊيم جي تعمير جي لاڳت هن وقت 1700 ارب رپين تائين پهچي چڪي آهي،نيلم جهلم ڊيم واپڊا 500 ارب رپين سان ٺاهيو اهو منصوبو به نه هليو،ڪو پڇاڻو ٿيو؟ هن چيو ته چولستان ڪئنال خلاف سڀ کان پهرين ته پنجاب جي ماڻهن کي آواز اٿارڻ گهرجي،ستلج ۾ ته پاڻي ئي ناهي اتي توهان ڪئنال ٺاهي رهيا آهيو،توهان منگلا جو پاڻي کڻندو ته اتي پنجاب جي آبادگارن جي وڏي ڪمانڊ ايريا آهي،ڪارپوريٽ فارمنگ غريب ماڻهن لاءِ ناهي ان جي دستاويزن ئي واضح آهي ته ان مان ٿيندڙ پيداوار اسان سعودي عرب،گڏيل عرب امارات ۽ ٻين ملڪن کي وڪڻي اسان ڊالر ڪمائينداسين،اها رٿا ڪنهن به طرح پاڪستان جي حق ۾ ناهي،هن چيو ته ڊيلٽا کي پاڻي گهرجي،ڪوٽڙي کان هيٺ 20 لک جي آبادي به رهي ٿي،تمر جا ٻيلا پاڪستان جي بليو اڪانامي جو وڏو ذريعو بڻجي سگهن ٿا ان تي اڃا ڪم ناهي ٿيو،سمنڊ ۾ ويندڙ پاڻي ضايع نٿو ٿئي،پاڻي ايڪو سسٽم جي ضرورت آهي،2001ع کان 2024ع تائين ڪوٽڙي کان هيٺ 14ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سمنڊ ۾ ويو آهي،هن چيو ته موسمياتي تبديلين سبب اسان مختلف ٽائم زون ۾ اچي چڪا آهيون،2010 ۽ 2022ع جي ٻوڏن ۾ جيڪو پاڻي هيٺ ويو آهي اهو ڪڍو ته ڪوٽڙي کان هيٺ 7 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي به ناهي ويو،هن چيو ته 2005ع جي سرڪاري ماهرن جي ڪميشن جي رپورٽ موجب انڊس ڊيلٽا ۾ روزانو 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي وڃڻ گهرجي،25 سالن ۾ 13 سالن ۾ سال ۾ ٻه سئو ڏينهن تائين ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي وهڪرو زيرو رهيو آهي،هن چيو ته مون وٽ سڀ انگ اکر موجود آهن،سمنڊ ۾ واري وڃڻ ضروري آهي،تربيلا ڊيم ٺهڻ بعد سنڌ جي ٽيهه کان چاليهه لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي،جيڪڏهن توهان مڃو ٿا ته سنڌ پاڪستان ۾ آهي ته اهو پاڪستان جي ڊيلٽا آهي،