ملير/ڄامشورو(رپورٽ: جميل چانڊيو) سول سوسائٽي ملير پاران وفاق پاران سنڌو مٿان 6 ڪئنال اڏڻ واري فيصلي ۽ سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ نالي ڏيڻ خلاف سنڌ ملاح فورم جي اڳواڻ ماجد سڪندر ملاح ۽ ڊاڪٽر انعام سيال جي اڳواڻي ھيٺ ڪاٺوڙ پل وٽ ايم نائين موٽروي تي ڏنل علامتي ڌرڻي سبب موٽروي جا ٻئي روڊ مڪمل طور تي بند ٿي ويا، گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ڌرڻي ۾ شريڪ مظاھرين پاران “پاڻي تي ڌاڙو نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور، سنڌو تي ڌاڙو نامنظور” جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ھنيا ويا، ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر انعام سيال، ماجد سڪندر ملاح ۽ ٻين چيو تھ پنجاب سنڌ جو ڪوئلو، گئس، بجلي، تيل، قيمتي پٿر ۽ سمنڊ سميت ھر شئي تي پھريان ئي قابض ٿي چڪو آھي اسان تمام شين جا مالڪ ھجڻ باوجود بھ محروم آھيون، ھنن چيو تھ سنڌو درياءَ مٿان 6 ڪئنال اڏي سنڌي ماڻھن کان جيئڻ جو حق بھ کسيو پيو وڃي، ڌرڻي ۾ شريڪ سوين مظاھرين قومي گيتن تي جھمريون پڻ ھنيون، جڏھن تھ ضلعي ملير جي تمام ٿاڻن جي پوليس، ايس ايڇ اوز، واٽر ٽينڪر گاڏيون پڻ ڌرڻي واري ھنڌ تي موجود. پوليس پاران ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ ڊاڪٽر انعام سيال ۽ ماجد سڪندر ملاح سان ڳالھين بعد موٽروي تي ڏنل علامتي ڌرڻو پوليس جي درخواست تي ڏنل علامتي ڌرڻو ڇھن ڪلاڪن بعد پرامن نموني ختم ڪيو ويو ۽ ٽريفڪ بحال ٿي وئي. هوڏانهن ڄامشورو ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن پاران انڊس هاءِ وي تي لڳايل ڌرڻو, ڪالھ ٽئين ڏينهن به جاري آهي، سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي نوجوانن پاران ڪامريڊ غني امان، رضوان چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سيد آباد سامهون انڊس هاءِ وي تي ٽن ڏينهن کان ڌرڻو جاري آهي، ڄامشورو_ سيوهڻ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻي سبب ٽريفڪ مڪمل طور بند ٿي وئي آهي، روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون آهن، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمين ۽ وسيلن تي قبضن خلاف مزاحمت ڪبي،