ٻٻرلوءِ ڌرڻي جا اکين آڏو ڪي منظر ڏسندي، منهنجي دل ۾ جيڪا اميد جاڳي آھي ان لاءِ مان سنڌ جي بھترين مزاحمتي شاعر منظور منگيءَ جون ھي سٽون عرض رکندس…!
گلن سان روشني ٿي راند کيڏي،
سڄي ڌرتي،گلن جو واس ٿي ويندي،
ڏسو ڪيئن پرڀات ٿي پرڙا پکيڙي؟
رڙي ٿي رات ڇو جو،ناس ٿي ويندي.
آچر 20 اپريل 2025 تي سکر لڳ ٻٻرلو وٽ ٽئين ڏينھن به سنڌوءَ مٿان ڪئنال ڪڍڻ واري عمل خلاف، لڳل ڌرڻي ۾ پنھنجي ڪجهه دوستن ۽ ساٿين سان، شامل ٿيڻ وقت ھر طرف ماڻھن جا ميڙ ۽ قافلن جي اچ وڃ ھئي، جيڏانھن نظر ڦيرائجي ته ماڻھن جا ميڙ ھئا جيڪي ھر قسم جي قرباني جي جذبي سان سرشار نظر آيا، انھن ماڻھن جي لاءِ پنڊال کان ٻاھر مختلف ڪئمپون لڳل ھيون، جن تي زندگيءَ جي جياپي جي ھرھڪ شئي ضرورتمند کي اتي بنا ڪنھن معاوضي ڏيڻ جي خوشيءَ سان ملي رھي ھئي. انھن ڪئمپن تي موجود ورڪر ۽ رضاڪار وڏي پيار محبت، نھايت پرخلوص ۽ فراخدليءَ جي جذبي سان جلسي ۾ ايندڙ ماڻھن جي خدمت ڪري رھيا ھئا.
سچ پچ ته مونکي اھي منظر ڏسي ائين لڳي رھيو ھيو ته سنڌ بلڪل بدلجي رھي آھي ۽ شايد ھن سنڌ ۾ وري اھا روايت وري واپس موٽي رھي آھي، جتي پيار ۽ محبت موجود ھوندي ھئي، جنھن جي مھمان نوازيءَ جا قصا ڏينھان ڏيھہ مشھور رھيا آھن.ھتي پھتل ھزارين ماڻھون مختلف ذاتين ، قبيلن ۽ قومن جي ھوندي به ڄڻ ته پاڻ ۾ عزيز لڳي رھيا ھئا، اڻواقف ھوندي به ھو پنھنجي رويي ۽ سلوڪ مان ڄڻ ته واقف لڳي رھيا ھئا، اتي ھڪ ٻئي جي رويي مان اجنبي ھجڻ جو ڪوئي به تاثر نظر نه پئي آيو.ھر طرف ڪئنالن جي خلاف نعرا ۽ تقريرون ھيون، اتي سمورا موجود توڙي نوان ايندڙ ماڻھو پرعزم ۽ پرجوش لڳي رھيا ھئا.
ايتري سھپ ۽ سنجيدگيءَ کي ڏسي مونکي ائين محسوس ٿي رھيو ھيو ته سنڌوءَ کي بچائڻ وارن، ھن ڪاروان جي ساٿين، شايد ھينئر اھو دل سان محسوس ڪري ورتو آھي ته پاڻي جو ھي مسئلو ڪو عام معاملو ناھي، ڪنھن پارٽيءَ جي انا ۽ ضد جو معاملو ناھي، ڪنھن ليڊرشپ جو معاملو ناھي، ھي ڪنھن ڌر ، سياسي گروپ ،ذاتي گروھہ يا سياسي پنڊت جي چڱ مڙسي جو معاملو ناھي، ھي ته ھر ساهه واري جي جياپي جو معاملو آھي، ھي ته اسانجي زندگي ۽ موت جو معاملو آھي، جيڪو ڪنھن به ريت ۽ ڪنھن به قيمت تي، ڪڏھن به ڪمپرومائيز ڪرڻ جو معاملو ناھي. ھن مسئلي کي ھر ننڍو توڙي وڏو، ٻڍو توڙي ٻار، ھر مرد توڙي عورت ، ھر شاگرد توڙي استاد، ھر وڪيل توڙي قانوندان ، ھر زميندار توڙي ھاري، ھر ڪاريگر توڙي مزدور، پڙھيل توڙي اڻ پڙھيل، ھر اديب توڙي شاعر ، ليکڪ توڙي قلمڪار، صحافي توڙي رپورٽر ،ھندو توڙي مسلمان، بلڪل بنا ڪنھن سياسي، ذاتي توڙي مذھبي فرق جي ھن جنگ کي، پنھنجي جيئاپي جي آخري جنگ ٿو سمجھي.
ھا بيشڪ ھي سنڌوءَ کي بچائڻ واري ھڪ اھڙي جنگ آھي جيڪا تمام سياسي، مذھبي، ذات پات ۽ فرقي پرستي جي سمورن فرقن کان بالاتر آھي، جيڪا ھر صورت ۾ اسان لاءِ وڏو امتحان آھي، جنھن جي کٽڻ کانسواءِ اسان سنڌي قوم وٽ ٻيو ڪوئي به آپشن موجود ناھي.ھن جنگ ۾ سوڀارو ٿيڻ جي صورت ۾ سنڌي سماج اندر وڏي تبديلي رونما ٿي سگھندي، جيڪڏھن اسين ثابت قدم رھياسين، جيڪڏھن اسين مستقل مزاج رھياسين، جيڪڏھن سياسي رواداري ۽ ھڪ ٻئي کي صبر و تحمل سان برداشت ڪرڻ جو مظاهرو ڪيوسين ته پوءِ مستقبل ۾ سماج جا سمورا طبقا نئين سر، نئين حڪمت عملي سان اڳتي وڌي ھن سماج جي تعمير ڪري غلامي ۽ ذلت جي زنجيرن جا طوق ڳچيءَ مان لاھي ڦٽو ڪري پروقار ٿي جيئنداسين، پنھنجي قومي ادارن جو تحفظ ۽ نئين سر تعمير ڪري، انھن کي مخلوق خداوندي لاءِ ڪارآمد بڻائي، مرجھايل مکن تي نئين سر مرڪون وکيرڻ جي به اڳتي ڪوشش ڪنداسين.
ھتي اسانکي ڪجهه ڌيان ڪري، وڏي ڏاھپ ۽ حڪمت سان ، وڏي دانائي ۽ دورانديشي سان، ھر پھلو تي نظر رکي اڳتي وڌڻو آھي ۽ اھو پڻ سمجھڻو آھي ته اسانکي ھرصورت ۾ سڀني سازشن کان خبردار رھڻو پوندو ته جيئن ڪوئي به اسانکي جذباتي بڻائي ۽ پاڻ ۾ ويڙهائي، ھن ايڏي وڏي قوت کي منتشر ۽ ڇڙوڇڙ ڪري ، پنھنجي اصل مقصد کان رخ ڪنھن ٻئي طرف نه موڙي وجھي.ھن پاڻي تحريڪ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ قومي درد رکندڙ ھن سماج جي سرنديءَ وارن ماڻھن مان ھر ھڪ کي پنھنجي وسيلن ۽ صلاحيتن مطابق جنھن قرباني جي جذبي جي شروعات ٿي چڪي آھي، انھيءَ کي تحريڪ جي ڪامياب ٿيڻ تائين جاري رکڻو پوندو.
اھڙي مسلسل پرعزم جدوجھد کانپوءِ ضرور ھن ملڪ جي پردي پٺيان ويٺل، ڊڪٽيٽر ۽ غاصب قوئتن کي، بزدل ، بي ايمان، بد ديانت ڪرپٽ ، ڦورو ۽ سمورن حرامخور حڪمرانن کي سوچڻو پوندو ته ھي سنڌ جا اصل ڀاڳيا جاڳيا آھن، ھاڻي ھي پنھنجي سمورين ٿيل چورين ۽ لڳل ڌاڙن جو متان پيرو کڻي وٺن ۽ ڦريل مال واپس نه ڪرائي وٺن. يقين ڪيو ته اوھانجو اھو عزم ، اھو حوصلو اھا جرئت ۽ بھادري ھنن ڪمزور حڪمرانن کي شڪست ڏئي سگھي ٿي. ھن ملڪ جا حڪمران اھو چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته سنڌي قوم کي سست ۽ بيوقوف سمجھي ھنن جي سمورن وسيلن تي سالن کان واقعي ئي ڌاڙا ھنيا آھن.پوءِ اھي ڌاڙا پاڻي جي صورت ۾ ھجن، پئٽرول جي صورت ۾ ھجن ،قدرتي گئس جي صورت ۾ ھجن، سون جھڙي ڪوئلي جي صورت ۾ ھجن ، ٻين معدني وسيلن، زمينن ، جبلن، ٻيٽن جي صورت ۾ ھجن ، نوڪرين جي نيلامي ۽ ميرٽ جي لتاڙ ڪري، ڏاھپ ۽ ذھانت جي قتل عام جي صورت ۾ ھجن. انھيءَ سموري ڦرلٽ ۽ ناانصافي تي ٻڌل نظام جو بنياد اسين سڀ گڏجي اکيڙي سگھون ٿا، انھيءَ لاءِ پنھنجي صفن ۾ وڌيڪ اتحاد قائم رھي.اسين سڀني ساڃاھ وند ماڻھن کي ھن اگھور ننڊ مان بيدار ٿيل قوم کي، پوري حڪمت ۽ دانائي سان ھميشه جي لاءِ اڄ جوڙي ڇڏڻ جي ضرورت آھي، سنڌ جي سموري وڪيل برادريءَ سميت ،قومي، سياسي، سماجي، مذھبي ، ادبي ۽ صحافتي ڌرين کي گڏجي ويھي، ھن تحريڪ کي ضرورت پٽاندڙ ڊگھي مدت لاءِ منظم انداز ۾ ھلائڻ جي پوري ڏاھپ ۽ بصيرت سان جٽادار حڪمت عملي جوڙي ، سماجي ۽ سياسي غلاميءَ مان آزاد ڪرڻ جي ھڪ بيمثال ڪوشش ڪري، ھن مظلومن جي پاڻي واري قافلي کي، پنھنجي منزل ۽ ماڳ رسائي ڪردار جي عظمت جو مظاھرو ڪرڻ جي اڄ سخت ترين ضرورت آھي.