زمين ماءُ ممتا ٿئي ٿي. زمين ئي شاھ عنايت شھيد جھڙن جوڌن جوانن کي انقلابي بڻايو ۽ انقلابي نعرن سان سندس کي تاريخ جو ھڪ اھم ڪردار بڻايو. جنھن جو نعرو ھو ” جو کيڙي، سو کائي″. سنڌي ماڻھو پنھنجي زمين ساان ڌرتيءَ سان جيتري محبت ڪن ٿا، شايد ڪنھن ٻئي ھنڌ ايتري قدر محبت ٿيندي ھجي. زمين ھاريءَ ناريَ جو سينگار آھي. سندس جي لاءِ جياپي توڙي ساھ جي ڏور کي برقرار رکڻ جو ذريعو آھي. زمين خوشبوءِ آھي. زمين محبت آھي. زمين جيتري پنھنجي پوکڻ واري سان محبت ڪندي آھي ايتري محبت دنيا ۾ ماءُ پيءُ پنھنجي اولاد سان ڪندا آھن. زمين بي ساھ ناھي، زمين ساھُ آھي. زمين قومن جي لاءِ خوشحاليءَ، ترقيءَ ۽ طاقت جي نشاني آھي. زمين امن جي نشاني آھي پر لالچ سبب انسانن ان کي جڳھڙن، جھيڙن ۽ خونن جو سبب بڻائي ڇڏيو آھي. حقدار کي حق ملڻ بدران ڏاڍن جا قبضا آھن. زمين جڏھن سرسبز ۽ شاداب ٿيندي آھي، ته سندس جي مرڪ، مھڪ ۽ جھومر ڏسڻ وٽان ھوندي آھي. ٿر ۾ جڏھن مينھن وسندو آھي ته ٿُرُ خوبصورتيءَ جي اعلي مقام تي ھوندو آھي. گذريل سال مينھن وسڻ بعد ھزارن جي تعداد ۾ ماڻھن ٿر جي خوبصورتين ڏسڻ لاءِ ٿر جي علائقن ماڳن ۽ مقامن جو رخ ڪيو.
سنڌ جي ھڪ عظيم ڪردار شهيد روپلو ڪولهيءَ جو ھي قول سماجي ميڊيا تي گردش ڪندي نظر ايندو آھي ته لوڪ اوم نمو، هم ڀوم نمو ” (ماڻهو خدا جي پوڄا ڪندا آهن پر اسان ڌرتيءَ جي پوڄا ڪندا آهيون). سنڌ جي تاريخ ۾ ڌرتيءَ کي ھڪ جاگرافيائي بيهڪ کان وڌيڪ مقدس ۽ قومي سڃاڻپ جي علامت سمجھي ويندي آھي. سنڌين جي لاءِ ڌرتيءَ جي حيثيت دنياوي سببن کان محبوب آھي. سنڌ جي ڪيترن ئي حلالي پٽن ڌرتيءَ خاطر پنھنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون. ڌرتيءَ جي محبت دنيا جي تمام محبتن کان اوچي ھوندي آھي. ڌرتيءَ جي لاءِ شھيد ٿيڻ جو اعزاز تاريخ لکندي آھي. سنڌ جي ڌرتي معدني وسيلن سان گڏوگڏ قدرتي حسناڪين سان مالامال آھي. پر سنڌين جي زمينن توڙي وسيلن تي وفاقي حڪومت جون اوپريون اکيون سمايل آھن. جنھن به ڌرتيءَ تي جيڪا به شيءِ آھي ان تي پھريان حق ان ڌرتيءَ جو آھي. سنڌو درياهه تي سنڌين جو پورو پورو حق آھي. سنڌي سنڌو درياهه جا وارث آھن. درياهه سنڌين جي زمينن توڙي سنڌين جي جياپي لاءِ قيمتي اثاثو آھي. جيڪڏھن ڇھ ڪئنال ٺھيا ته سنڌي ماڻھو بک بدحاليءَ جو شڪار بڻجندا، ڇاڪاڻ ته سنڌ جا ماڻھو زراعت تي منحصر آھن.
ڌرتي جو عالمي ڏهاڙي جي شروعات 22 اپريل 1970ع ۾ ٿي. ھن عالمي ڏهاڙي ملھائڻ جو مقصد ڌرتيءَ کي بچائڻ، ان کي مختلف نقصانڪار عنصرن کان محفوظ ڪرڻ، سٺي آبھوا توڙي ماحول جي نظام کي بھتر ڪرڻ، وڻ پوکڻ ۽ وڻ جي ڪاٽ بند ڪرڻ وغيره تي مشتمل آھي. ڪجهه سالن جي دوران موسمن جو تبديل ٿيڻ، گرمي پد جو وڌڻ ۽ ان جو زمينن تي پوندڙ اثر، غير متوقع پوندڙ برساتون نقصانڪار عنصر ثابت ٿيا آھن. ھن سال ھن ڏھاڙي ملھائڻ جو مقصد اسان جي ڌرتي (سيارو)، اسان جي طاقت آھي. ان جو مقصد ھي ڌرتي ھڪ نه پر سڀني جي گڏيل ڌرتي آھي. پنھنجي ڌرتيءَ کي ترقيءَ ۽ خوشحالي ڏيارڻ لاءِ سڀني کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. جيڪڏھن ڌرتي آھي ته اسان به آھيون، ڌرتيءَ جي بنا اسان جو ڪو به وجود ناھي. ھي عالمي ڏهاڙو ڌرتيءَ جي اھميت، حفاظت ۽ وارثيءَ کي پڻ اجاگر ڪري ٿو.
سنڌ امن جي ڌرتي آھي. سنڌ جي ماڻھن کي گھرجي ته متحد ٿي ڪري ڌرتيءَ کي خوشحاليءَ ۽ ترقيءَ ڏيارڻ ۾ اھم ڪردار ڪيون ۽ ڌرتيءَ کي سونھن ساوڪ ڀريو بڻايون.اچو ته واعدو ڪريون ته ڌرتيءَ کي سنڀالينداسين، وڻ لڳائينداسين، پاڻي بچائينداسين ۽ ڌرتيءَ کي صاف رکڻ لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪنداسين.”
طارق راڄپر
سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس سنڌ صوبي مان وصول ڪئي وڃي ٿي ۔ ترقياتي منصوبا پنجاب کي ڏنا وڃن ٿا ڌارين قومن کي سنڌ ۾ آباد ڪرايو ٿو وڃي ۽ سنڌ جي سرڪاري کاتن ۾ ٻين صوبن جا آفيسر ڀرتي ڪيا وڃن ٿا ۔ قيمتي معدنيات ۔ ڪوئلو۔ گئس ۽ بجلي به سنڌ مان کنئي وڃي ٿي ۔ زمينن تي قبضو به سنڌ ۾ ڪرايو وڃي ٿو ۔ ۽ ھاڻي سنڌو درياءَ ۔ ڪارونجھر ۽ سنڌ جا ٻيٽ ھڙپ ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آھي ۔
ھن وقت سنڌي قوم کي متحد ڏسي حڪمران بوکلاھٽ جو شڪار ٿي ويا آھن. ۽ سنڌي قوم سنڌو درياءَ بچائڻ لاءِ ۔۔ زين شاھ ۔ اياز لطيف پليجو ۔ ذوالفقار جونئير ۽ وڪيل اڳواڻن جو ڀرپور ساٿ ڏنو آھي ۔سنڌو درياءَ سان ئي سنڌ جي تھذيب ۔ تاريخ ۔ ثقافت ۽ سنڌي ٻولي زنده آھي ۔ ھن وقت مزاحمتي تحريڪ جي اڳواڻي وڪيل ڪري رھيا آھن وقت جي ظالم حڪمرانن ۽ مخالفن جون غيرآئني غيرقانوني ۽ غير سياسي چالون دفن ٿي رھيون آھن.
ڇاڪاڻ ته سنڌو درياءَ جو پاڻي روڪڻ سان نه صرف پکي ۽ ٻيا جاندار اڃ مرندا پر زمين جي مٿاڇري تي زراعت به تباھ ٿيندي ۽ انھي جو ٽيو وڏو نقصان زلزلي جي صورت ۾ به اچي سگھي ٿو ۔ جڏھن زمين ۾ اندر پاڻي جي سطح متاثر ٿيندي ته انھي اثر ۽ نتيجا پڻ ڀيانڪ نڪرندا ۔ھن وقت جڏھن سنڌ ۾ جر جو پاڻي ھيٺ لھي ويو آھي ته مٿانھي سطح کان پاڻي زير زمين سنڌ طرف رستو ٺاھي رھيو آھي ۔ اھو ئي سبب آھي جو ملڪ جي مٿانھين علائقن ۾ ھلڪو زلزلو اچي ٿو ۔ ۽ وڌيڪ زلزلي اچڻ جو امڪان آھي ۔
نويد خان سومرو/ راڌڻ اسٽيشن