ايس آءِ ايف سي سنڌ لاءِ ٻن نون موٽرويز کي ناڻي تي بار قرار ڏئي ڇڏيو؟

ڪراچي (محسن ٻٻر) موٽرويز بابت اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ته سنڌ ۾ ايم 6۽ ايم 10موٽروي ٺاهيا ويندا. ايم 10ڪراچي پورٽ کان حيدرآباد ويندو، انهيءَ کي ڄامشوري وٽ ايم 6 سان ڳنڍيو ويندو، اهو وڃي ايم 5کي لڳندو. پنجاب ۾ موٽرويز بابت فيصلن ۾ کاريان کان راولپنڊي هڪ موٽروي ٺهي رهيو آهي جنهن جو 80 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي، ٻيو موٽروي کاريان کان سيالڪوٽ ٺهندو. ايس آءِ ايف سي 71 ارب رپين جو منصوبو منظور ڪيو آهي. ايس آءِ ايف سي اجلاس ۾ جيڪي فيصلا ٿيا انهن موجب ايم 6۽ ايم 10پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ ٺهندا، ان جو مطلب ڪا پارٽي اچي پيسا ڏيندي، زمين سنڌ حڪومت ڏيندي، اهو سرڪاري ناڻي تي بار نه هوندو. ٻئي پاسي جيڪي موٽروي پنجاب ۾ ٺهندا اهي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ نه ٺهندا، اهي هنن پاڻ ٺاهيا آهن. ايس آءِ ايف سي دعويٰ ڪئي ته ايم 6موٽروي تي 340 ارب رپيا لاڳت ايندي، اهو سکر حيدرآباد موٽروي جو منصوبو هن مهينيکان ئي دستاويز تيار ڪيا ويندا ۽ ٺيڪو ڏنو ويندو. ايس آءِ ايف سي ايم 13 منصوبو به منظور ڪيو آهي جيڪو کاريان راولپنڊي آهي جنهن تي اڳ ئي ڪم هلي رهيو آهي ان ۾ رڳو زمين جي خريداري لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ رکيا ويا آهن. اهي ٻئي نوان موٽروي واقعي ٺهندا يا رڳو لالي پاپ آهن، اها بعد ۾ خبر پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.